ڊي سي نوشھروفيروز پاران مورو ويجھو مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو

ڊي سي نوشھروفيروز پاران مورو ويجھو مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو

ڊي سي نوشھروفيروز پاران مورو ويجھو مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو

نوشهرو فيروز (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم اڄ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ رٽرننگ آفيسر اعجاز علي هاليپوٽو سان گڏ مورو ڀرسان مختلف پولنگ اسٽيشنن جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر تبسم ڀٽي پڻ موجود هئا. هن چيو ته پولنگ اسٽيشنون ڳوٺ جي ويجهن هنڌن تي قائم ڪيون وڃن جتي اسڪول جي عمارت زبون آهي، انکي تبديل ڪري مناسب جڳھ تي قائم ڪيو وڃي هن لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي حدن ۾ موجود سمورن پولنگ اسٽيشنن جو معائنو ڪن ۽ اتي موجود سهولتن، بجلي، بائونڊري وال کي به چيڪ ڪن. ۽ عمارتن جو معائنو ڪيو، جن پولنگ اسٽيشنن جي قيام يا تبديلي تي اعتراض مليا آهن، انهن پولنگ اسٽيشنن جي تصديق جو عمل مڪمل ڪيو وڃي، ھن گورنمينٽ هاءِ اسڪول مورو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول سردار خان لنڊ، گورنمينٽ اسڪول وڏ پگيا، ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول شير محمد پنجابي جو معائنو ڪيو ۽ اسڪولن ۾ سهولتن جو جائزو ورتو. جيڪي پولنگ اسٽيشنون هونديون ۽ موقعن تي ئي حڪم جاري ڪيا ويندا.