ڏوڪري ويجھو ڳوٺاڻن جو اين جي او خلاف احٽجاجي مظاھرو، ٽائرن کي باھ

ڏوڪري ويجھو ڳوٺاڻن جو اين جي او خلاف احٽجاجي مظاھرو، ٽائرن کي باھ

ڏوڪري ويجھو ڳوٺاڻن جو اين جي او خلاف احٽجاجي مظاھرو، ٽائرن کي باھ

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڳوٺ مصري سيھڙ جي رھواسين سرسو خلاف ٽائرن کي باھ ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي ڳوٺاڻن قدير سيھڙ، وھاب علي چنو، غلام رسول گاڏھي، سچل شاھاڻي، احمد خان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري باڊھ راڌڻ روڊ تي ٽائرن کي باھ ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 2 سال برسات پوڻ سبب اسان جي گھر ڊھي پٽ ٿي ويا، گهر ڊهڻ سبب ٻچڙن سميت سردي ۾ کليل آسمان ويهي زندگي گذاري رهيا آهيون ۽ ڪيترائي ئي تڏ سبب اسان جا معصوم ٻارڙا بيمار ٿي پيا آهن. هنن چيو ته سرسو ڏوڪري جي جا عملدار سروي ڪرڻ باوجود به اسان جي ڳوٺ کي نظر انداز ڪري من پسندن ماڻهن کي ٽوڪن ڏئي رھي آھيان آهن هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود اسان جي ڳوٺ کي گهر ٺاهڻ لاءِ ٽوڪن نٿا ڏنا وڃن ھنن واس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته بنا دير ڳوٺ مصري سهيڙ جي ڳوٺاڻن کي ٽوڪن جاري ڪري ڏنا وڃن.