اعتراضن سميت چونڊ ڪيس فوري طور تي حل ڪيا وڃن: مولانا اسدالله ڀٽو

اعتراضن سميت چونڊ ڪيس فوري طور تي حل ڪيا وڃن: مولانا اسدالله ڀٽو

اعتراضن سميت چونڊ ڪيس فوري طور تي حل ڪيا وڃن: مولانا اسدالله ڀٽو

ڪراچي/بدين (رپورٽر) جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو ايڊووڪيٽ چيو آهي ته حڪومت گومگو جي صوتحال جو خاتمو ۽ چونڊون شفاف ٿيڻ سان گڏوگڏ سڀني کي حصو وٺڻ جا برابر موقعا ۽ عوام کي پنھجي مرضي جي قيادت جي چونڊ جو حق ملڻ گهرجي، اسان عدالت کي اپيل ٿا ڪريون ته اعتراضن سميت چونڊ ڪيس فوري طور تي حل ڪيا وڃن ته جيئن اليڪشن جو ماحول بهتر ۽ يقيني بڻائي سگهجي، صحافت ملڪ جو چوٿون ٿنب آهي جنهن جو سماج جي سڌاري، ملڪ جي ترقي ۽ جمهوريت جي واڌاري لاءِ اھم ڪردار آھي. 8 فيبروري جي چونڊن ۾ اهل ۽ ايماندار قيادت کي سامهون آڻڻ لاءِ صحافي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري. بدين ۾ جماعت اسلامي سمورن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين لاءِ اميدوار بيهاريا آهن.اهڙن خيالن جو اظهار هن بدين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان کان اڳ هن نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيندي سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ، گلن جو هار ۽ ديني لٽريچر پڻ تحفي طور ڏنو. مولانا ڀٽو سنڌ ۾ سفارشي ۽ سياسي بنيادن تي چونڊ عملو مقرر ڪرڻ جي خبرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ غير جانبدار عملي جي ضرورت آهي. هن سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽ تي وڪرو ٿيڻ کي حڪومتي ۽ انتظامي نااهلي قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ته حڪومت ڀاڻ جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي ۽ ڪاروائي ۽ ذخيره اندوزي کي روڪي، جماعت اسلامي اڳواڻ فلسطين ۾ انسانيت جي قتل عام تي پاڪستان سميت مسلمان حڪمرانن جي خاموشي ۽ سنگدلي کي مجرماڻي غفلت قرار ڏيندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فلسطين جي مسئلي تي واضح پاليسي اختيار ڪئي وڃي، جڏهن آمريڪا کليل نموني حمايت ڪري رهيو آهي ۽ ان جا وزير دورا ڪري رهيا آهن ته اسان جا مسلمان حڪمران ڇو خاموش آهن غزه جي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم تي؟ ن ليگ پ پ سميت وڏين پارٽين ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي اسرائيل ۽ آمريڪا جون وفادار آهن، اهو معجزو آهي ته حماس جا مجاهد ۽ فلسطيني عوام ثابت قدمي سان اسرائيلي ظلمن کي برداشت ڪري رهيا آهن. الله تعاليٰ انهن مظلومن جي مدد ضرور ڪندو. ان موقعي تي صوبائي اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا، الله بچايو هاليپوٽو، جنرل سيڪريٽري عظيم منصوري، مقامي امير فتح خان کوسو، الخدمت جي ضلعي صدر الخدمت فاونڈیشن غلام رسول احمداڻي، محمد موسيٰ ملاح ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.#