پ پ قيادت جيڪا ذميواري ڏني آھي ان تي پورو لھڻ جي ڪوشش ڪندس: بشير احمد بروھي

پ پ قيادت جيڪا ذميواري ڏني آھي ان تي پورو لھڻ جي ڪوشش ڪندس: بشير احمد بروھي

پ پ قيادت جيڪا ذميواري ڏني آھي ان تي پورو لھڻ جي ڪوشش ڪندس: بشير احمد بروھي

گڏاپ (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايس 97، ايم پي اي جي اميدوار بشير احمد بروھي چيو آھي تہ پارٽي قيادت جيڪا ذميواري مونکي ڏني آھي، انشاء اللھ پارٽي قيادت جي اعتماد تي پورو لھندس، پي ايس 97 جو عوام پيپلز پارٽي سان محبت رکي ٿو اسان کي پنھنجي تڪ جي عوام مان وڏيون اميدون آھن، 8 فيبروري تي تڪ جو عوام ثابت ڪندو تہ ھو شھيد راڻي ۽ ان جي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو سان گڏ آھن، پاڪستان جو ھر ماڻھو ڀٽو ازم ۽ پيپلز پارٽي سان محبت رکي ٿو، دور تبديل ٿيڻ ۽ مخالفن جي الزام بازين باوجود پيپلزپارٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي ڇاڪاڻ ته پي ايس 97 سميت پوري سنڌ پيپلزپارٽي جو قلعو آهي، عوام جي هر مسئلن جو حل واحد پيپلزپارٽي وٽ آهي، پ پ پنهنجي اقتداري دور ۾ رڪارڊ ٽوڙ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، جيڪي سنڌ جي ماڻهن لاءِ وڏو تحفو آهن، سنڌ ۾ پ، پ خلاف ھميشہ اتحاد ٺھندا آيا آھن، پر کين ھميشہ شڪست نصيب ٿي آهي پي ايس 97 تي چونڊ مھم کي تيز ڪيو ويو آھي ۽ ڪيتريون ئي برادريون پارٽي ۾ شامل ٿيون آھن ۽ ڪيتريون ئي شموليت اختيار ڪنديون، ان موقعي تي نور زمان برفت. وحيد خان چاڪر. محمد رفيق گبول ۽ ٻيا پڻ موجود هئا