English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس جو ڪنوينشن لالا اسد پٺاڻ جي صدارت ۾ ٿي گذريو
80 views
|
08th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس جو ڪنوينشن لالا اسد پٺاڻ جي صدارت ۾ ٿي گذريو
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس جو ڪنوينشن پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پي ايف يو جي مرڪزي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ ايس يو جي جي صدر امداد بوزدار، جنرل سيڪريٽري احقر رضوي خصوصي طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سال 2024 لاءِ باڊي جو اعلان ڪيو ويو. جنھن ۾ زاھد قائمخاني صدر، شاھد سومرو نائب صدر ون، منور حسين منور نائب صدر ٽو، مظھر خاصخيلي جنرل سيڪريٽري، اياز علي سولنگي جوائنٽ سيڪريٽري ون، وقار راڄپر جوائنٽ سيڪريٽري ٽو، غلام مرتضي تڳر خزانچي، اختيار سولنگي پريس سيڪريٽري، قيوم الطاف راڄپر آفيس سيڪريٽري چونڊيا ويا. جڏھن ته 12 رڪني ايگزيڪيوٽو ڪميٽي چونڊي وئي جنهن ۾ زاھد راڄپر، سيد مبارڪ علي شاھ، اربيلو اوڏ، ميھر علي بھڻ، ظھير سومرو، امتياز علي ڀٽي، راڻا غلام سرور، سيد شوڪت علي شاھ، عبدالغفار راڄپر، عبدالوھاب لاشاري، وقار ڪونڌر، عدنان ملڪ شامل آھن. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ چيو ته وزير اعظم صحافين جي صحت ڪارڊن جو عمل روڪي ڇڏيو آھي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ جرنلسٽس ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 6 ھين مرحلي ۾ 13 جنوري تي سکر پريس ڪلب ۾ تاريخي صحافي ڪنوينشن گھرايو ويو آھي. ھن چيو ته اسان يحي، ايوب، ضياءَ ۽ مشرف جي مارشلائن کي منھن ڏنو پر حڪمران اھو سمجھن ٿا تي ھو قلم جي آواز دٻائي صحافين کي حراسان ڪندا پر ھاڻي اھو دور نه رھيو آھي. ان موقعي تي امداد بوزدار، احقر رضوي، زاھد قائمخاني، مظھر خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏھن ته خيرپور يونين آف جرنلسٽس جي اڪبر شاھاڻي، قربان منگي، پياس علي شاھ، بادشاھ ڀنڊ، بلاول سھتو، سليم لنڊ، ميان محمد ياسين اڄڻ خاص طور شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
يونين آف جرنلسٽس
0 تبصرے