قمبر: سي پي ڊي آءِ پاران بجيٽ جي حوالي سان چوٿين سالياني رپورٽ جاري

قمبر: سي پي ڊي آءِ پاران بجيٽ جي حوالي سان چوٿين سالياني رپورٽ جاري

قمبر: سي پي ڊي آءِ پاران بجيٽ جي حوالي سان چوٿين سالياني رپورٽ جاري

قمبر (رپورٽر) سي پي ڊي آءِ ”پاڪستان ۾ بجيٽ جي شفافيت جي صورتحال، بين الاقوامي بهترين طرز عمل“ تي چوٿين سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. رپورٽ ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي بجيٽ سازي جي عمل ۾ خامين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ بجيٽ تجويزن تي شهري گروپن، حڪومتي ادارن ۽ اهم اسٽيڪ هولڊرن سان وڏي پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ جو مطالبو ڪيوويوآهي. ان رپورٽ جو مقصد صرف نتيجا پيش ڪرڻ ناهي پر حڪومتن، سول سوسائٽي ۽ وڏي پئماني تي شهرين جي وچ ۾ ڳالھ ٻولھ جي سهولت مهيا ڪرڻ آهي. رپورٽ ۾ چيوويوآهي ته پاڪستان جي شهرين جي شرڪت جي واڌاري لاءِ هڪ مرڪزي ڊيجيٽل پليٽ فارم شروع ڪرڻ تي غورڪرڻ گھرجي. ان پليٽ فارم کي بجيٽ جي مشڪل تفصيل ان انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنووڃي ته جئين شهرين کي بجيٽ سمجھڻ ۾ آساني پيدا ٿئي. حڪومتن کي بجيٽ ٺاهڻ جي مرحلي جي دوران ملڪي سطح تي عوامي مشاورت، بشمول ٽائون هال ميٽينگس ۽ ورڪشاپ جو آغاز کي ترجيح ڏيڻ گھرجي. رپورٽ ۾ عورتن، اقليتن، ٻارڙن ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ الڳ الڳ بجيٽ اسٽيٽمنٽ تيار ڪرڻ ۽ جاري ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيوويوآهي. جنهن ۾ هر گروپ جي منفرد ضرورتن ۽ ڏکاين جي مطابق مخصوص مختص ۽ حڪمت عملي جو خاڪو پيش ڪيوويوآهي. رپورٽ ۾ پاڪستان جي شهرين جي بجيٽ پيش ڪرڻ جي عمل کي مخصوص قانون سازي يا ضابطي جي ذريعي باقاعدھ ٺاهڻ تي زور ڏنوويوآهي. سي پي ڊي آءِ جي رپورٽ جي مطابق حڪومتن کي بجيٽ جي تفصيل ايڪسل ۽ سي ايس وي جهڙن وڏي پئماني تي مشين ذريعي پڙهڻ جي قابل فارميٽس ۾ دستياب هجڻ گھرجي. ان کان علاوھ بجيٽ سازي جي عمل ۾ شهرين جي شرڪت کي قانوني تحفظ ڏيڻ گھرجي ۽ حڪومتي ادارن کي بجيٽ سازي جي عمل کي مختلف مرحلن جي دوران شهرين سان مشاورت جو پابند ڪيووڃي. خاص طور بجيٽ ٺاهڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي دوران پارليامنٽ جي ميمبرن جي ڪردار کي وڌائڻ گھرجي. سٽيزن نيٽورڪ فار بجيٽ اڪائونٽبلٽي (سي اين بي اي) جي ضلعي پارٽنر ۽ ميمبر تنظيم دي اويئر فائونڊيشن (ٽيف) جي زير اهتمام ” شفاف بجيٽ سازي تي اسٽيڪ هولڊرز ڊائيلاگ“ جي دوران چونڊيل نمائندن، مقامي حڪومتن جي نمائندن سول سوسائٽي تنظيمن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان سماجي اڳواڻ ۽ قانوني ماهر عمر گل ٻرڙو ڳالهائيندي: چيوته: گذريل هڪ ڏهاڪي کان سي پي ڊي آءِ پاڪستان ۾ بجيٽ سازي جي عمل کي ضلع کان وفاقي سطح تائين بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جئين ان ۾ شفافيت کي فروغ ڏئي سگھجي. ان جي نتيجي ۾ ” پاڪستان ۾ بجيٽ جي شفافيت جي صورتحال 2023 “ تي مشتمل چوٿين رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. هي رپورٽ نه فقط بجيٽ جي شفافيت جو جائزو وٺي ٿي پر پاڪستان ۾ بجيٽ جي معلومات جي حصول جي لاءِ پاڪستان ۾ معلومات تائين رسائي جي قانون جي اثر جو اندازو لڳائڻ ۾ به مدد فراهم ڪري ٿي. هي رپورٽ تجويز ڪري ٿي ته بجيٽ کي تيز رفتاري سان اڳتي وڌائڻ بجاءِ ان کي وفاقي ۽ صوبائي اسنمبلين جي فنانس ڪاميٽين ڏانهن پهريائين موڪلڻ گھرجي. سي پي ڊي آءِ جي رپورٽ ۾ سڀني پلاننگ ڪميشن فارمز ( پي سي _1 کان پي سي _ 5 ) سڀني فارمن کي سڀني وفاقي ۽ صوبائي سطحن تائين عوام لاءِ مهياڪيا ڪرڻ جو مطالبو به ڪري ٿي. ان وڌيڪ چيوته رپورٽ جي مطابق بجيٽ سازي ۾ شهرين جي شرڪت پارليامنٽ جي نگراني، پارليامنٽ ۾ بجيٽ تي بحث جو وقت ۽ منصفاڻو بجيٽ سازي تي توجھ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ان ڳاله تي زور ڏنو ته اڄ ڪله جي سوشل ميڊيا جي دور ۾ تنقيد لي منهن ڏيڻو ٿو پوي انهي لاءِ بجيٽ جي شفافيت وقت جي اهم ضرورت آهي جنهن ۾ چونڊيل نمائدي سيد اخلاق شاه بخاري ، صحافي اڳوانڻ ، نور محمد کوسو، بابر ميمڻ، اخلاق چانڊيو، محمود شيخ، احمد علي ٻرڙو ۽ ٻين معزز صحافين ۽ سماجي اڳواڻ سڪندر صنم جهنڊيل، بيبي باگڙي سنڌياڻي، ميڊم رابيه، ۽ سرسو جي ڊسٽرڪٽ مينيجر حبيب الله پنهور صاحب ۽ سوشل ولفيئر جي وقار احمد سومرو ۽ ٻين خيالن جو اظهار ڪيو ۽ آخر ۾ سالياني رپورٽ جي پڌرائي ڪئي وئي ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرن جو شڪريو ادا ڪيو ويو.