عدالتن کان ويندي ٿاڻي تائين هر شعبي ۾ انگريز جو ڪارو قانون لاڳوآهي:محمد حسين محنتي

عدالتن کان ويندي ٿاڻي تائين هر شعبي ۾ انگريز جو ڪارو قانون لاڳوآهي:محمد حسين محنتي

عدالتن کان ويندي ٿاڻي تائين هر شعبي ۾ انگريز جو ڪارو قانون لاڳوآهي:محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻوايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته باني پاڪستان جي ويزن تي عمل ٿئي ها ته اڄ پاڪستان معاشي، سياسي ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار نه هجي ها، قائد اعظم ملڪ ۾ اسلامي نظام، جمهوريت، هر شهري کي برابري جا حق ۽ بنا ڪنهن متڀيد جي انسانيت جي خدمت جي ڳالهه ڪئي، انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ باوجود اڄ به ملڪ جي عدالتن کان ويندي ٿاڻي تائين هر شعبي ۾ انگريز جو ڪارو قانون لاڳوآهي، ملڪ جي معاشي ترقي، سالميت، سياسي استحڪام سميت سڀني بحرانن جو واحد حل قائد جي ويزن “ ايمان، اتحاد ۽ تنظيم” ۾ آهي. قائد اعظم جي ورسي تي ميڊيا ۾ اشتهار ۽ مزار تي حاضري ڀرڻ سان نه بلڪه سندس ٻڌايل اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آغوش سينٽر گلشن معمار ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران سنڌ چئن ڏينهن واري ليڊرشپ ٽرينگ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ سڄي سنڌ مان آرفن ڪيئر شائنگ اسٽار شرڪت ڪئي. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته قائد اعظم هن ملڪ ۾ اسلامي نظام نافذ ڪرڻ ٿي چاهيو، پر سندس وفات کان پوءِ حڪمران طبقو اسلام جو مخالف ۽ سامراجي نظام قائم ڪري ورتو آهي. قائد اعظم هڪ تاريخ ساز شخصيت هو جيڪو هميشه عوام جي دلين ۾ زنده رهندو، هن ملڪ کي عظيم رياست بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس صفن ۾ موجود غدارن سدائين سندس رستي ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون، اڄ به ملڪ ۾ اهڙا ماڻهو قائد جي فڪر ۽ فلسفي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سازشن ۾ رُڌل آهن. پروگرام جي آخر ۾ الخدمت جي ذميوارن صوبائي امير کي يادگاري شيلڊ پڻ پيش ڪئي.