English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
باڊھھ ۾ شھيد صحافي شان ڏھر جي ڏھين ورسي ملھائي وئي، کيس ڀيٽا پيش
158 views
|
31st Dec 2023
•
سنڌي خبرون
باڊھھ ۾ شھيد صحافي شان ڏھر جي ڏھين ورسي ملھائي وئي، کيس ڀيٽا پيش
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان 10 سال اڳ پهرئين جنوري 2014ع واري رات صحافتي ذميداريون ادا ڪندي سفاڪ قاتلن هان شهيد ٿيندڙ بيباڪ صحافي شهيد شان ڏهر جي ورسي جي موقعي تي باڊهه پريس ڪلب پاران ڪلب جي صدر زيب علي ساريو ۽ شهيد شان ڏهر جي ڀيڻ فوزيه ڏهر جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آفيس کان شهيد شان ڏهر جي آخري آرامگاهه تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ لاڙڪاڻي باڊهه ۽ ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين کان علاوه مختلف مڪتبه فڪر سان سلهاڙيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان دؤران “ظالمو جواب ڏيو، خون جو حساب ڏيو” “شهيد شان ڏهر جا قاتل گرفتار ڪريو، شهيد جي خون سان انصاف ڪريو” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. ريلي ۾ شامل سندس وارثن ,صحافين ۽ شهرين شهيد شان ڏهر جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري، جنهن بعد ريلي واپس جاءِ شهادت واري هنڌ پهتي ته اتي پڻ شهيد شان ڏهر جي تصوير اڳيان ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ يڪراء سان قرارداد پيش ڪري حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته شھيد شان ڏھر ري اوپن ڪري قاتلن کي وائک ڪري سخت سزا ڏني وڃي, هوڏانهن ورسي تقريب کي خطاب ڪندي شهيد شان ڏهر جي ڀيڻ فوزيه ڏهر، پريس ڪلب لاڙڪاڻي جي سينيئر صحافين مرتضئ ڪلهوڙو, ظفر ابڙو,سرڪش سڌايو, عبدالخالق مغيري، باڊھ پريس ڪلب جي صدر نظام ڪلاچي زيب علي ساريو، اصغر نوناري، عزيز بروهي، نور محمد بليدي ۽ ٻين چيو ته شهيد شان ڏهر هڪ بهادر ۽ بيباڪ صحافي هو، جنهن پنهنجي سموري صحافتي عرصي ۾ حق ۽ سچ جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو. اڄ کان 10 سال اڳ پهرئين جنوري سال 2014ع واري رات پڻ هو پنهنجون صحافتي ذميداريون ادا ڪري رهيو هو ته رات جي رهزنن مٿس پٺيان وار ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو. اڳواڻن چيو ته 10 سال گذري چڪا آهن ۽ ان عرصي دؤران ضلعي سطح تي پوليس پاران مختلف وقتن تي انڪوائريون ڪيون ويون آهن، پر ڪا به پيش رفت نه ٿي سگهي آهي ۽ اهي انڪوائريون صرف ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ تائين محدود ڪيون ويون آهن، جڏهن ته شهيد شان ڏهر جا قاتل اڃان تائين آزاد گهمي رهيا آهن. هنن چيو ته اسين سڀ شهيد شان ڏهر جا وارث آهيون ۽ سندس قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تائين خاموش نه ويهنداسين، تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ سندس گهرو کاتي کي گهرجي ته هو پنهنجي ذميدارين کي محسوس ڪندي شهيد شان ڏهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري
صحافي شهيد شان
شان ڏهر
فوزيه ڏهر
زيب علي ساريو
0 تبصرے