English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
باڊھھ ۾ شھيد صحافي شان ڏھر جي ڏھين ورسي ملھائي وئي، کيس ڀيٽا پيش
views
|
31st Dec 2023
•
سنڌي خبرون
باڊھھ ۾ شھيد صحافي شان ڏھر جي ڏھين ورسي ملھائي وئي، کيس ڀيٽا پيش
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان 10 سال اڳ پهرئين جنوري 2014ع واري رات صحافتي ذميداريون ادا ڪندي سفاڪ قاتلن هان شهيد ٿيندڙ بيباڪ صحافي شهيد شان ڏهر جي ورسي جي موقعي تي باڊهه پريس ڪلب پاران ڪلب جي صدر زيب علي ساريو ۽ شهيد شان ڏهر جي ڀيڻ فوزيه ڏهر جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آفيس کان شهيد شان ڏهر جي آخري آرامگاهه تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ لاڙڪاڻي باڊهه ۽ ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين کان علاوه مختلف مڪتبه فڪر سان سلهاڙيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان دؤران “ظالمو جواب ڏيو، خون جو حساب ڏيو” “شهيد شان ڏهر جا قاتل گرفتار ڪريو، شهيد جي خون سان انصاف ڪريو” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. ريلي ۾ شامل سندس وارثن ,صحافين ۽ شهرين شهيد شان ڏهر جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري، جنهن بعد ريلي واپس جاءِ شهادت واري هنڌ پهتي ته اتي پڻ شهيد شان ڏهر جي تصوير اڳيان ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ يڪراء سان قرارداد پيش ڪري حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته شھيد شان ڏھر ري اوپن ڪري قاتلن کي وائک ڪري سخت سزا ڏني وڃي, هوڏانهن ورسي تقريب کي خطاب ڪندي شهيد شان ڏهر جي ڀيڻ فوزيه ڏهر، پريس ڪلب لاڙڪاڻي جي سينيئر صحافين مرتضئ ڪلهوڙو, ظفر ابڙو,سرڪش سڌايو, عبدالخالق مغيري، باڊھ پريس ڪلب جي صدر نظام ڪلاچي زيب علي ساريو، اصغر نوناري، عزيز بروهي، نور محمد بليدي ۽ ٻين چيو ته شهيد شان ڏهر هڪ بهادر ۽ بيباڪ صحافي هو، جنهن پنهنجي سموري صحافتي عرصي ۾ حق ۽ سچ جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو. اڄ کان 10 سال اڳ پهرئين جنوري سال 2014ع واري رات پڻ هو پنهنجون صحافتي ذميداريون ادا ڪري رهيو هو ته رات جي رهزنن مٿس پٺيان وار ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو. اڳواڻن چيو ته 10 سال گذري چڪا آهن ۽ ان عرصي دؤران ضلعي سطح تي پوليس پاران مختلف وقتن تي انڪوائريون ڪيون ويون آهن، پر ڪا به پيش رفت نه ٿي سگهي آهي ۽ اهي انڪوائريون صرف ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ تائين محدود ڪيون ويون آهن، جڏهن ته شهيد شان ڏهر جا قاتل اڃان تائين آزاد گهمي رهيا آهن. هنن چيو ته اسين سڀ شهيد شان ڏهر جا وارث آهيون ۽ سندس قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تائين خاموش نه ويهنداسين، تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ سندس گهرو کاتي کي گهرجي ته هو پنهنجي ذميدارين کي محسوس ڪندي شهيد شان ڏهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Nov 2025
•
سندھ
کراچی دنیا کے آلودہ ترین شہروں میں تیسرے نمبر پر
08th Nov 2025
•
تازہ ترین
وفاقی کابینہ نے 27ویں آئینی ترمیم کی منظوری دے دی
08th Nov 2025
•
سندھ
کراچی: شارع فیصل کارساز کے قریب کار کی ٹکر سے راہ گیر جاں بحق
08th Nov 2025
•
تازہ ترین
27ویں مجوزہ آئینی ترامیم: پیپلز پارٹی نے کن نکات پر تحفظات ظاہر کیے؟
08th Nov 2025
•
سندھ
کراچی دنیا کے آلودہ ترین شہروں میں تیسرے نمبر پر
08th Nov 2025
•
تازہ ترین
وفاقی کابینہ نے 27ویں آئینی ترمیم کی منظوری دے دی
08th Nov 2025
•
سندھ
کراچی: شارع فیصل کارساز کے قریب کار کی ٹکر سے راہ گیر جاں بحق
08th Nov 2025
•
تازہ ترین
27ویں مجوزہ آئینی ترامیم: پیپلز پارٹی نے کن نکات پر تحفظات ظاہر کیے؟
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
صحافي شهيد شان
شان ڏهر
فوزيه ڏهر
زيب علي ساريو
0 تبصرے