نوابشاھ ۾ نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ جاري، آصف علي زرداري ۽ ٻين جا فارم منظور

نوابشاھ ۾ نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ جاري، آصف علي زرداري ۽ ٻين جا فارم منظور

نوابشاھ ۾ نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ جاري، آصف علي زرداري ۽ ٻين جا فارم منظور

نوابشاھ (ڊ ر) نوابشاھ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال وارو سلسلو جاري آھي انھي حوالي سان مليل ڄاڻ مطابق نوابشاهه جي قومي تڪ اين اي 207 تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سردار شير محمد رند اڳوڻي سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو سيد زاھد حسين شاهه سميت 16 اميدوارن مان 15 اميدوارن جا نامزدگي فارم جاچ پڙتال کان پوءِ بحال ڪيا ويا آهن جڏهن ته هڪ اميدوار محمد خان جو فارم سندس تاعيد ڪندڙ جو ووٽ تڪ ۾ داخل نه هئڻ سبب رد ڪيو ويو جڏھن ته نوابشاهه جي قومي تڪ اين اي 208 تي اڄ ٽن اميدوارن عاشق آرائين دانش ۽ غلام الله مري جا نامزدگي فارم ڇنڊ ڇاڻ بعد بحال ڪيا ويا آهن جڏهن ته ضلعي شهيد بينظير آباد جي صوبائي تڪ پي ايس 37 نوابشاهه تي حصو وٺندڙ 12 اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي جنهن ۾ 8 اٺن اميدوارن سيد فصيح احمد شاهه محمد اڪرام مسرت زهرا محمد سليم سميت 8 اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا جڏهن ته 4 اميدوارن شاھ فيروز رند نعيم العارفين محمد بلال حافظ محمد شهمير خان جا فارم رد ٿي ويا