انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن جي چيئرمين پاران چمبڙ ڀرسان زلزلو پروف ڳوٺ جو دورو
حيدرآباد (بيورو)انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن آف پاڪستان جي چيئرمين ۽ اڳوڻي ايمبيسڊر فرخ عامل ڪالهه چمبڙ جي ڀرسان جڳ مشهور عورت آرڪيٽيڪٽ ڊزائينر ۽ سماجي اڳواڻ ياسمين لاري پاران ڊزائين ڪيل زلزلو پروف مثالي پونو ڪولهي ڳوٺ جو دورو ڪيو ان موقعي تي محمد رفيق ، تفسير فاطمه ، هيريٽيج فائونڊيشن لاري جو نعيم شاه ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا جن هن مثالي ڳوٺ جو تفصيلي دورو ڪري گذريل سال تعمير ٿيل زلزلو پروف گهرن جو معائنو ڪيو ۽ ڳوٺاڻن کان حال احوال ورتا ڳوٺ ۾ پهچڻ تي ڳوٺ جي ٻارن ، عورتن ۽ اتي ترسيل آمريڪا ۽ لنڊن جي چئن مهمانن روايتي رقص ڪري سندن آڌر ڀاءُ ڪيو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ پي او جي چيئرمين فرخ عامل چيو ته هي گهر ياسمين لاري ڊزائين ڪيا آهن جيڪي 6.2 زلزلي جي شدت کي برداسٽ ڪري سگهن ٿا هي گهر سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ مثالي گهر آهن جيڪي معمولي لاڳت سان تيار ٿيا آهن سڄي سنڌ ۾ هن قسم جا 40 هزار گهر ٺاهيا ويندا هاڻي اسان سڄي دنيا کي هن قسم جا گهر ٺاهڻ جي سکيا ڏئي رهيا آهيون هن چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديليون اچي رهيون آهن جنهن سبب زلزلا ۽ ٻوڏون اينديون اهڙين قدرتي آفتن کي هن قسم جا بي زرر گهر ئي منهن ڏئي سگهن ٿا هن چيو ته ياسمين لاري سڄي دنيا کي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ زبردست حل ڏنو آهي هن چيو ته ياسمين لاري پنهنجي آئيڊياز جي ذريعي هن ملڪ کي ترقي وٺرائڻ چاهي ٿي جنهن ايج آف ڪلائيمينٽ چينج ۾ اثرائتو پلان ڏنو آهي هن چيو ته هي گهر بهترين ۽ مثالي آهن ۽ انهن گهرن گذريل سال جي برساتن کي به منهن ڏنو آهي ، هن چيو ته اسان کي ايندڙ دور جي ٻوڏ کان بچڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي جيئن ماڻهن کي تباهي کان بچائي سگهجي سائوٿ ايشيا ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ وقت ۾ تمام گهڻي گرمي ٿيندي جنهن کي هن قسم جا مٽيءَ مان ٺهيل گهر ئي منهن ڏئي سگهن ٿا هن چيو ته ياسمين لاري سڀ کان پهريان هنن گهرن جو انڊسٽريل ڊزائين رجسٽرڊ ڪرايو آهي ۽ هي يونيڪ آئيڊيا آهي هي گهر سرديءَ ۾ گرم ۽ گرميءَ ۾ ٿڌا رهن ٿا ياسمين لاري هنن ڳوٺاڻن کي تحفظ ڏئي پاڻڀرو ڪيو آهي هن چيو ته سڄي پاڪستان کي ياسمين لاري جي آئيڊيا کي فالو ڪرڻ گهرجي . ان موقعي تي هن ملڪ جي واپاري طبقي پاران ڏنل تحفا ڳوٺ جي معصوم ٻارن ۾ ورهايا . ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان ياسمين لاري جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جنهن هن قسم جا گهر ٺاهڻ جي صلاح ڏيڻ سان گڏ گهرن جي تعمير لاءِ مالي مدد به فراهم ڪئي انهن ٻڌايو ته ياسمين لاري جي تنظيم جي طرفان اسان جي گهرن ۾ بجليءَ جي لاءِ سولر پليٽون ، پيئڻ جي پاڻي لاءِ نلڪا ۽ ٻيو سامان به فراهم ڪيو ويو آهي جنهن سان سندن زندگيءَ جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويا آهن. پاڪستان چلهو جي نالي سان منفرد چلهو ٺاهي سڄي دنيا ۾ مشهوري ماڻيندڙ ڪولهي عورتون ڏاني ڪولهي ۽ چمپا ڪولهي به چمبڙ جي ڀرسان واقع پونو ڪولهي ڳوٺ جون رهواسي آهن جن ڪجهه وقت اڳ ۾ ياسمين لاري جي سهڪار سان لنڊن وڃي اتان جي عورتن ۽ مردن کي اهو منفرد چلهو ٺاهڻ جي سکيا ڏني هئي خميس جي ڏينهن انٽيلڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن آف پاڪستان جي چيئرمين پاران سندن ڳوٺ جو دورو ڪرڻ جي موقعي تي انهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رڌ پچاءَ دوران دونهين کان محفوظ رکندڙ هن چلهي جي ايجاد کين هڪ نئين سڃاڻپ ڏني آهي جنهن تي اهي تمام گهڻو خوش آهن هنن ٻڌايو هن چلهي کي ٺاهڻ ۾ ڪڻڪ جو ڀوسو استعمال ٿيندو آهي جڏهن اسان کي لنڊن جي ماڻهن کي هن چلهي جي سکيا ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو هو ته ڪڻڪ جو ڀوسو اسان پاڻ سان گڏ کڻي ويون هيونسين هنن ٻڌايو ته 15 ڏينهن لنڊن ۾ رهي اسان اتان جي عورتن کي اهو چلهو ٺاهڻ جي سکيا ڏني ڏاني ڪولهڻ جيڪا ڳوٺ جي عورتن جي اڳواڻ به آهي ان جو گهر بانس جي لڪڙن مان ٻه ماڙ ٺهيل هو ۽ ان جي هيٺان سندس اهو منفرد چلهو ٺهيل هو جنهن تي ان کي تمام گهڻو فخر آهي.
0 تبصرے