شڪارپور جي جتوئي ڀائرن جي راشد محمد سومرو جي موجودگي ۾ جي يو آءِ ۾ شموليت جو اعلان

شڪارپور جي جتوئي ڀائرن جي راشد محمد سومرو جي موجودگي ۾ جي يو آءِ ۾ شموليت جو اعلان

شڪارپور جي جتوئي ڀائرن جي راشد محمد سومرو جي موجودگي ۾ جي يو آءِ ۾ شموليت جو اعلان

شڪارپور ( احسان ابڙو) شڪارپور جي جتوئي ڀائرن جي يو آء ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي, عام چونڊن ۾ پي پي کي سرپرائيز شڪارپور جون اهم شخصيتون جتوئي ڀائر اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ۽ اڳوڻي ايم پي اي مير عابد حسين جتوئي، پنهنجي خاندان دوستن اهبابن سوڌو جي يو آء ۾ شامل ٿي ويا, علامه راشد محمود سومرو ۽ ٻين جي يو آئي جي صوبائي، ضلعي اڳواڻن جي موجودگي دوران پريس ڪانفرنس ۾جتوئين ڀائرن جي يو آئي ۾ شموليت جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو,ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي چيو ته جي يو آئي قيادت طرفان دعوت ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان مولانا فضل الرحمان ۽ راشد محمود سان گڏجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪنداسين. راشدمحمود سومرو پريس ڪانفرنس ۾ڳالھائيندي چيو ته جتوئي ڀائرن جي شموليت سان جي يو آئي کي قوت ملي آهي انشاء الله شڪارپور ۾ سڀني سيٽن تي ڪلين سوئيپ ڪنداسين. ۽ توهان کي خوشخبري ڏئي رھيو آھيان ته شموليت جو سلسلو ھلندڙ آهي سڀاڻي ۽ٻئي ڏينھن به اوھان کي خوش خبري ڏينداسين. صحافين جي سوال جي جواب ۾ راشدمحمود سومرو چيو ته ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ھاڻي جي يو آئي جو حصو آهي ۽جي يو آئي جي قيادت جيڪو فيصلو ڪندي ڊاڪٽر صاحب قبول ڪندو، علامه راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي بقا لاءِ اسان روز اول کان جدوجهد ڪري رهيا آهيون، ان شاءﷲ جيستائين تائين سنڌ کي واڳن جي ھٿان آزاد نه ڪرائينداسون تيستائين جدوجهد جاري رکي ويندي، ان موقعي تي علامه ناصر محمود سومرو، مولانا عبدﷲ مھر، مفتي سعود افضل ھاليجوي، مولانا محمد صالح انڊڙ، حافظ رفيق احمد شر، مولانا محمد طيب ميکو،مولانا غلام ﷲ مھر، مولانا عبدالقدوس کوسو، ۽ ٻيا موجود هئا