اجلاس ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) حڪومت پاڪستان طرفان قائم ڪيل ڊسٽرڪٽ سوشل ويلفيئر ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي چيئرپرسن نوابزاده شهمير خان ٽالپر، چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، چيئرمين يونين ڪائونسل نيوڇوڙ هرچند راءِ بجير، چيئرمين يونين ڪائونسل کوکڙاپار جبار سومرو، ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ عمرڪوٽ يوسف شيخ، اسسٽنٽ انجنيئر سيد حيدر شاھ، اطلاعات کاتي سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن ۽ ڪاميٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس جو بنيادي مقصد ضلع عمرڪوٽ ۾ آئل اينڊ گيس ڪمپنين طرفان ٿيندڙ ايڪسپلوریشن جي نتيجي ۾ ضلع عمرڪوٽ کي حاصل ٿيندڙ شيئر/فنڊز جي مؤثر استعمال جو جائزو وٺڻ هو. ان موقعي تي مختلف ترقياتي اسڪيمن ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران يونين ڪائونسل کوکڙاپار طرفان 5 عدد شمسي (سولر) پمپ لڳائڻ لاءِ درخواست پيش ڪئي وئي، جنهن جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد ڪاميٽي گڏيل طور تي فيصلو ڪيو تہ هن يو سي جي ڳوٺن ۾ ٻيهر سروي ڪرائي وڃي ۽ پروجيڪٽ جي مڪمل لاڳت معلوم ڪئي وڃي. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته هڪ شمسي پمپ جي لاڳت لڳ ڀڳ 18 لک رپيا آهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي هدايت ڪئي تہ فنڊز جو استعمال شفافيت ۽ ميرٽ تي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهڙن منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي جن سان سڌي طرح عوام کي فائدو پهچي، خاص طور تي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي وارا منصوبا نهايت اهم آهن. ان موقعي تي چيئرمين ضلع ڪائونسل حاجي محمد بقا پلي چيو تہ عوامي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي اسڪيمن جي منظوري ڏني پئي وڃي ۽ کوکڙاپار ۾ شمسي پمپ لڳائڻ سان پاڻي جي کوٽ جو مسئلو گهڻي حد تائين حل ٿيندو. اجلاس جي آخر ۾ لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي وئي تہ منظور ٿيل منصوبن تي فوري عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪم کي وقت سر مڪمل ڪرڻ سان گڏ معيار کي به برقرار رکيو وڃي تہ جيئن عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪري سگهجي۔
0 تبصرے