برساتن کانپوءِ ضلع ملير ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو

گڏاپ اپ ڀرسان بولهاري ندي ۾ پاڻي جو تيز وهڪرو پهچي ويو

برساتن کانپوءِ ضلع ملير ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي ۾ جاري تيز برساتن کانپوءِ ضلع ملير ۾ هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پوليس ۽ انتظاميا کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ملير، سڪڻ، ٿڌو، جھرٻدو، ندي ۽ گڏاپ ڀرسان بولهاڙي ندي ۾ پاڻي جو وهڪرو تيز ٿيڻ سبب ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي۔ ملير ضلعي جي علائقن گهگهر، گلشن حديد، پپري، ابراهيم حيدري، ريڙهي، ڪوهي ڳوٺ، صالح محمد ڳوٺ، ميمڻ ڳوٺ، شيدي ڳوٺ، ڪاٺور سميت ٻين هيٺاهين وارا علائقا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن تيز طوفاني هوائن سبب ڪچا گهر ڊهي ۽ وڻ ڪري پيا آهن ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق جي هدايت تي ضلعي ڀر ۾ پوليس کي متحرڪ ڪيو ويو آهي۔ نشيبي علائقن، اهم شاهراهن ۽ ممڪن متاثر ٿيندڙ هنڌن تي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته موٽر سائيڪل اسڪواڊ ۽ موبائل گشت ۾ پڻ واڌ ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري ڪارروائي کي يقيني بڻائي سگهجي۔ٻئي طرف تيز برسات کانپوءِ گڏاپ ڀرسان بولهاڙي ندي ۾ اوچتو پاڻي جو وهڪرو تيز ٿي ويو، جنهن سبب ندي ڀرجي وئي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ خوف پکڙجي ويو ، جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع نه ملي سگهيو آهي مقامي ماڻهن موجب پاڻي جي سطح اوچتو وڌڻ سبب مير خان گوندر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا رهواسي محتاط ٿي ويا آهن ۽ صورتحال جو ڳوڙهو اڀياس ڪرين رهيا آهن۔ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گذريل برساتن دوران پڻ بولهاڙي ندي ۾ تيز وهڪرو آيو هو، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا هئا، ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پيا هئا، جڏهن ته هڪ عورت پڻ تيز وهڪري ۾ لڙهي فوت ٿي وئي هئي۔ مقامي ماڻهن ٻڌايو ته ان واقعي کانپوءِ انتظاميا کان حفاظتي بند تعمير ڪرڻ ۽ ندي تي پل ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، پر هن وقت تائين ان حوالي سان ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي۔هاڻوڪي برساتن کانپوءِ ٻيهر ندي ۾ پاڻي وڌڻ سبب ڳوٺاڻا ماضي جي نقصانن کي ياد ڪندي خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ ضلعي انتظاميا کان فوري حفاظتي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهجي۔ملير پوليس پاران شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، برسات دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري طور لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪن۔