English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ويجھو ڳوٺ احمد ميتلا ۾ ھارين جي ڏھاڙي تي تقريب منعقد
181 views
|
19th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ويجھو ڳوٺ احمد ميتلا ۾ ھارين جي ڏھاڙي تي تقريب منعقد
ڏوڪري(رپورٽر) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري ۽ زرعي يونيورسٽي فيصل آباد جي تعاون سان ڳوٺ احمد ميتلا ۾ ھاري ڏھاڙو ملهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي.تقريب ۾ علائقي جي ھارين ۽ آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.انهي موقعي تي زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي اينٽامالاجي کاتي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهجهان راجپوت، ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر سلطان احمد ميتلو، حرا پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ جي سي او عدنان زهري، ڊاڪٽر شاھنواز کھڙو،ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ،ڊاڪٽر ھارون ھليو،ڊاڪٽر ذوالفقار عباسي،ڊاڪٽر عبدالحنان ٻرڙو،عبدالخالق سنديلو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلين سبب گذريل ٻن ٽن سالن زيتونن جي باغن ۾ ميلي بگ جيت فروٽ فلاءِ جو حملو ٿيو آهي جنهن باغن کي ڪافي نقصان پھچايو آهي.ھنن چيو ته زيتونن جي باغن تي مسلسل جيت مار ڦوهارو ڪرڻ سبب منفي اثر پيا آهن، ڦوهاري سبب انسان دوست جيتن جو خاتمو ۽ ماحولياتي آلودگي پڻ ٿي رهي آهي.انهي ڪري ھنن سنڌ جي زيتونن جي باعائن کي صلاحون ڏيندي چيو ته آبادگارن کي گهرجي تہ زيتونن جي ٻوٽي کي ھوا ۽ روشتي پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.ميلي بگ کان بچاءَ لاءِ ٻوٽي جي ھر قطار ۾ مفاصلو ھئڻ ضروري آهي. ٻوٽن کي گندگاه کان صاف رکيو وڃي، فيبروري مارچ جي وچ دوران سيلپري ٽيپ جو استعمال ڪيو وڃي جيئن ميلي بگ سميت ٻيا نقصانڪار ڪيڙا ٻوٽي چڙهي نه سگهن. آبادگارن کي گهرجي ته بائيو ڪنٽرول ليبز سان رابطو ڪرڻ گهرجي،. جيت مار دوائن ۾ 3-4 چمچا ڊٽرجنت پائوڊر ۽ گاسليٽ ملائي استعمال ڪيو وڃي.نم جي پنن جو تيل AKK extract مهيني ۾ 3 دفعا ڏيڻ گهرجي.انهي موقعي تي ڊاڪٽر شاهجهان راجپوت چيو ته ھن وقت اسان جا ٽن ھنڌن ڳوٺ احمد ميتلا، ڳوٺ حڪيم سنديلو ۽ ماهوٽا ۾ پراجيڪٽ ۾ گذريل سال کان ھلندڙ آهي جنهن بهتر نتيجا ڏنا آهن. انهي موقعي تي شيلڊ ڏنيون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج
زرعي يونيورسٽي فيصل آباد
ڳوٺ احمد ميتلا
ھارين ۽ آبادگارن
0 تبصرے