English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ بابت شاگردن جون سموريون درخواستون رد
292 views
|
26th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ بابت شاگردن جون سموريون درخواستون رد
سنڌ هاءِ ڪورٽ پيپر ليڪ ڪيس ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ بابت شاگردن جون سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جو رجسٽرار، پي ايم ڊي سي جو وڪيل ۽ شاگرد عدالت ۾ پيش ٿيا، ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ فيل شاگردن جو وڪيل عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو، پي ايم ڊي سي جي وڪيل ذيشان احمد دليل ڏيندي چيو ته گيس پيپر پهريان به ايندا رهيا آهن، پهرين پيپر ليڪ ٿيو هو جنهن جي جاچ لاءِ ايگزيڪيوٽو پاران ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪي پي ۾ شاگرد ڪاپي ڪندي پڪڙجي پيا ته اتان جي حڪومت ايف آءِ آر ڪٽرائي شاگردن کي گرفتار ڪرايو، هتي شاگرد چون ٿا ته ٻيهر ٽيسٽ ڪرايو، آخر ڪيستائين شاگرد ٽيسٽون ڏيندا رهندا؟ ٽيسٽ پاس ڪندڙ شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي سوال ڪيو ته پيپر ليڪ ٿيڻ بابت حڪومت ڪهڙو قدم کنيو آهي، ٻارن جي مستقبل جو مسئلو آهي، درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته گذريل ٽيسٽ ۾ پيپر ليڪ ٿيڻ تي جي آءِ ٽي جو فيصلو آيو پر ڪنهن جي به خلاف ڪارروائي نه ٿي، ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته اصلي پيپر نه پر گيس پيپر ليڪ ٿيو آهي، درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته 12-12 لک روپين ۾ پيپر وڪرو ٿيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته 41 هزار اميدوارن ٽيسٽ ڏني، ان مان هڪ سئو ماڻهن فائدو ورتو هوندو، توهان ڇا ٿا چاهيو ٻارن جي داخلا نه ٿئي؟ درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته اسان ميرٽ تي داخلا چاهيون ٿا، چيف جسٽس چيو ته ٻارن کي بيوقوف بڻائڻ جون ڳالهيون نه ڪريو، ماڻهن جو اعتماد خراب ٿي رهيو آهي، اڳ به پيپر ليڪ ٿيو هو، عدالت شاگردن جون سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ هاءِ ڪورٽ
ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ
M D cate test
0 تبصرے