English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيروسڻ ڀرسان ماڊل اسڪول ۾ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد
211 views
|
24th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
پيروسڻ ڀرسان ماڊل اسڪول ۾ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد
پيروسڻ (رپورٽر)پيروسڻ ڀرسان سن رائيز ماڊل اسڪول غلام قادر چنہ م ايڪتا جا رنگ نکري پياسنڌ جي ثقافت زندھ باد جا نعرا لڳايا ويا اجرڪ ۽ ٽوپي پهريل شاگردن اجرڪ لهرائي ماحول کي خوبصورت بڻائي ڇڏيو قومي گيتن تي ڀرپور رقص سان گڏ ثقافتي شين جا اسٽال لڳاياويااجرڪ ٽوپي ثقافتي ويس ۾ ملبوس شاگرد رليون وهاڻا پکا موڙ ڳانن سميت ثقافتي شين جا اسٽال لڳائي تقريب کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا شاگردن شاگردياڻين تقريرن ۽ ٽيبلوز ۾ سنڌي ثقافت جي مختلف شين ريتن رسمن تي معلوماتي تقريرون ڪري ٻڌندڙن کي سٺي ڄاڻ فراهم ڪئي تقريب ۾ هڪ شاگرد کي گهوٽ بڻائي شاگردياڻين لاڏا سهرا چئي ميندي جي رسم ادا ڪئي ويئي جنهن سبب تقريب ۾ خوبصورتي سان گڏ خوشي جو ماحول جڙي ويواسڪول جي پرنسيپل ميڊم شمع ناز ڏاهري استاد خالد حُسين ڏاهري استاد ياسر نواز حاجاڻو سائين بخش جلالاڻي علي رضا لاشاري، شاگردن شاگردياڻين ثمرين چنہ ناديہ چنہ ندا چنہ راحيلا موروجو پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته سنڌ جي ثقافت جهڙي نموني ۾ به هجي اها شاندار ۽ قيمتي آهي پوء چاهي اجرڪ ٽوپي جي روپ ۾ هجي يا مهمانوازي هجي ڀرت هنر جو ڪم هجي امن ۽ محبت جو درس هجي اهو صرف سنڌ ڌرتي ۽سنڌ واسين وٽان ئي ملندو ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سنڌ جي ثقافت کي انڊسٽريل ڪرڻ لاء اثرائتا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن ثقافت کي صدين تائين زندھ رکڻ سان گڏ سموري دنيا تائين پهچائي سگهجي پروگرام جا مهمان خاص اصغر ابڙو محمد نواز چنو غلام تقي هيسباڻي سرفراز چنو قاسم ڏاهري م عبدالله لاشاري فرحان حاجاڻو سرڪاش حاجاڻو مصطفا موروجو نثار بڙدي هئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پيروسڻ
سن رائيز ماڊل اسڪول
غلام قادر چنہ
ايڪتا جا رنگ نکري
0 تبصرے