ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ۾ پوليو مھم بابت اجلاس

ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ۾ پوليو مھم بابت اجلاس

ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ۾ پوليو مھم بابت اجلاس

نوشهرو فيروز (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ 8 جنوري کان 12 جنوري تائين هلندڙ پوليو خلاف قومي مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ اجلاس ٿيو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوليو خلاف مهم کي ڪامياب بڻائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي. پوليو مهم دوران سموريون ٽيمون محنت ڪري ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديون. هن چيو ته مهم دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جو ڪو به ٻار ڦڙا پيارڻ کان محروم نه رهي، هن چيو ته پوليو ٽيمون ساڳئي ڏينهن ٻيهر دورو ڪن ته جيئن ٻار ملي سگھن. هن چيو ته مهم دوران ڪنهن کي به غفلت ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اجلاس دوران اي پي آءِ جي فوڪل پرسن ٻارن کي ويڪسين بابت آگاهي ڏني، ان کان اڳ ضلعي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ان حوالي سان ڪيل انتظامن بابت آگاهي ڏني. 3 لک 36 هزار 116 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. جنهن لاءِ ڪل 991 ٽيمون ٺاهيون ويون آهن جن ۾ 877 موبائل ٽيمون، 73 فڪسڊ ٽيمون ۽ 41 ٽرانزٽ پوائنٽس شامل آهن.