ڏوڪري ۾ پ پ اميدوار عادل الطاف انڙ اليڪشن لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو

ڏوڪري ۾ پ پ اميدوار عادل الطاف انڙ اليڪشن لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو

ڏوڪري ۾ پ پ اميدوار عادل الطاف انڙ اليڪشن لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو

ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪريءَ ۾ پ پ جي اميدوار عادل الطاف حسين انڙ صوبائي تڪ پي ايس 13 لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ڳوٺ علي آباد کان ھزارين ورڪرن ۽ پارٽي اڳواڻن سان گڏ عادل الطاف حسين انڙ ڏوڪري پهچي اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرايو. ان موقعي تي عادل الطاف حسين انڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انڙ خاندان پنهنجي علائقي جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ اقتدار جي لالچ نه رکي آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو هتان جو عوام کين دل سان پسند ڪري ٿو. هن چيو ته هن ڀيري پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي پي ايس 13 جي تڪ تي سوڀ حاصل ڪري بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ عوام جي خدمت ڪبي. عادل الطاف حسين انڙ جو چوڻ هو ته سڄي ملڪ جو عوام ڄاڻي ٿو ته ڏکين حالتن ۾ ڪهڙو ليڊر ۽ ڪهڙي پارٽي رهي آهي جنهن جيل ۽ سختيون برداشت ڪيون پر عوام کي ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن فرار ٿي نه ويا. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي ورڪرن عادل الطاف حسين انڙ کي گلن جا هار پارايا ۽ نعريبازي ڪئي.