ٺٽي ۽ ميرپورساڪرو ۾ ڊي اي او پرائمري نظام کڏائي پاران اسڪول تي ڇاپا

ٺٽي ۽ ميرپورساڪرو ۾ ڊي اي او پرائمري نظام کڏائي پاران اسڪول تي ڇاپا

ٺٽي ۽ ميرپورساڪرو ۾ ڊي اي او پرائمري نظام کڏائي پاران اسڪول تي ڇاپا

ٺٽو( ڊر) ڊي اي او پرائمري نظام کڏائي جا ٺٽي، ميرپورساڪرو جي مختلف اسڪولن تي ڇاپا، غير حاضر استادن خلاف ڪاروائي جو فيصلو، اسڪولن ۾ مسئلن جا انبار آھن حل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آھيون ڊي اي او نظام کڏائي خبر موجب ڊي اي او نظام کڏائي ڪجھ ڏينھن اندر ٺٽي ضلعي جي مختلف 45 اسڪولن تي ڇاپا ھنيا جتي استادن جي غير حاضري ۽ اسڪولن ۾ وڌندڙ مسئلن تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو، ميرپورساڪرو ۽ ٺٽي جي بوائز گرلس پرائمري اسڪول صالح محمد ڪرناڻي، بوائز پرائمري اسڪول تاج محمد عباسي، بوائز گرلس پرائمري اسڪول پمپ ھائوس، بوائز پرائمري اسڪول محمد اسماعيل خاصخيلي، بوائز گرلس پرائمري اسڪول يوسف ھيلايو، گرلس ماڊل ڪميونٽي اسڪول مڪلي، بوائز ڪلسٽر اسڪول ڪچي آبادي مڪلي سميت ٻين اسڪولن تي ڇاپا ھنيا ڇاپي جي دوران گرلس ماڊل ڪمنيونٽي اسڪول مڪلي جي ھيڊماسترياڻي مسلسل ٻن سال کان عير حاضر ڄاڻائي وئي ۽ ڊي اي او ڪلسٽر اسڪول ڪچي آبادي مڪلي ۾ ڪلاسن ۾ تدريسي عمل جو جائزو ورتو ۽ شاگردن کان مختلف سوال ڪري ۽ سمجھاڻي ڏني ان موقعي تي ڊي اي او نظام کڏائي چيو آھي تہ غيرحاضر استادن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي اسڪولن ۾ پاڻئ جي اڻھوند آھي بلڊيگون زبون حالي جو شڪار آھن فرنيچر جي سخت کوٽ آھي آئندہ جي بجٽ ۾ سڀ مسئلا حل ڪرايا ويندا ان جي لا۽ سڀ رپورٽون اعلي اختيارين ڏانھن موڪليون آھن اسان جي ڪوششن ۽ تڪڙن وزٽن کان پو۽ استادن جي حاضري يقيني ٿيندي وڄي جيڪي استاد غير حاضر آھن انھن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي اھي