ٺٽي جي ڊي اي او ۽ ڊپٽي ڊي او پاران پرائمري اسڪول جو دورو

ٺٽي جي ڊي اي او ۽ ڊپٽي ڊي او پاران پرائمري اسڪول جو دورو

ٺٽي جي ڊي اي او ۽ ڊپٽي ڊي او پاران پرائمري اسڪول جو دورو

ٺٽو( شفيق ڀٽي) ڊي اي او ٺٽو نظام الدين کڏائي ۽ ڊپٽي ڊي او ممتاز علي ٻجورو پاران گورنمنٽ پرائمري اسڪول ھاشم ڀٽو ايٽ پير محمد بروهي جو وزٽ ڪري شاگردن کان سوال جواب ڪندي چيو ته ھن اسڪولن جي استادن جي محنت شاگردن جي ڏنل جوابن مان ظاھر ٿئي ٿي، نظام کڏائي چيو تہ اسانجو مقصد ٻارڙن کي بھتر تعليم ڏياري سندن مستقبل سنوارڻ آھي، جنھن لاء ڪوششون جاري آھن، ھن چيو تہ بند ٿيل اسڪولن کي کولرائڻ سميت زبون حال بلدنگس جي مرمت لاء بہ ڪوششون ورتيون پيون وڃن. ھن چيو ته اسڪول جي بھتري لاء ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن جو بہ ڪردار بھتر رھيو اھي، ان موقعي تي اسڪولي استادن سميت مقامي ڳوٺاڻا تاج حسين بروھي، خميسو بروھي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا، جن آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا.