ٺٽو: ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان پاران اي سي آفيس گهارو ۾ کليل ڪچھري منعقد

ٺٽو: ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان پاران اي سي آفيس گهارو ۾ کليل ڪچھري منعقد

ٺٽو: ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان پاران اي سي آفيس گهارو ۾ کليل ڪچھري منعقد

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس گهارو ۾ کليل ڪچھري منعقد ڪري تعلقي ميرپور ساڪرو جي کاتيدارن جي زمينن ۽ ٻين مسئلن بابت شڪايتون ٻُڌي درخواستون وصول ڪيون ۽ موقعي تي ئي لاڳاپيل عملدارن کي حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي انتظاميه جي ڪوشش آهي ته عوام کي بنيادي سهولتون ۽ رليف فراهم ڪيو وڃي. هُن کُلي ڪچھري ۾ موجود مختلف صنعتن جي نمائندن تي زور ڀريو ته هو ليبر قانون تي عمل ڪندي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائين ته جيئن مقامي ماڻهن ۾ موجود پريشاني ختم ٿي سگهي. هن چيو ته ڀاڻ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ اعليٰ اختيارين سميت فرٽيلائزر ڪمپنين جي انتظاميا سان ڳالهيون جاري آهن ته جيئن ڀاڻ جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي، ان حوالي سان ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعہ خورن خلاف ڪارروائيون پڻ جاري آھن. کليل ڪچھري دوران عوام پاران ڪيل شڪايتن تي ڊپٽي ڪمشنر تعلقي ميرپور ساڪرو جي اسسٽنٽ ڪشمنر اقبال احمد تنيو ۽ مختيارڪار احمد ميمڻ کي هدايت ڪئي ته هو شڪايت ڪندڙن جي زمين جو معائنو ڪري فوري طور تي جائز مسئلا حل ڪن. هن چيو ته جن ڳوٺن تي قبضن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي انهن جي حدبندي ڪري انڪوائري بعد غير قانوني قبضا هٽايا وڃن ۽ ملوث عنصرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي سرڪاري زمين تي غير قانوني فارم هائوسز جي اڏاوت جي شڪايت تي ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪري غير قانوني اڏاوتون هٽايون وڃن. هن چيو ته صنعتن جي انتظاميا سان گڏجاڻي ڪري ڪم ڪندڙ ملازمن جون لسٽون چيڪ ڪيون وڃن ۽ مقامي ماڻهن جي مقرري جو جائزو ورتو وڃي. هن اسسٽنٽ ڪمشنر کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو پنهنجي نگرانيءَ هيٺ سنڌ انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) جي نمائندن سان گڏجي صنعتن جو دورو ڪري ۽ خارج ٿيندڙ زهريلي پاڻي ۽ دونھن بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته گهارو شهر جي روڊ تان گاڏا، پڙيون ۽ ٻيون غيرقانوني حددخليون فوري طور هٽايون وڃن تہ جيئن عوام کي آمدرفت ۾ آساني پيدا ٿي سگهي جڏهن ته ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافع خورن خلاف به ڪارروائي تيز ڪئي وڃي.