گمبٽ: ڊائريڪٽر ايس ٽيوٽا پاران سکيا ڏيندڙ ادارن تي ڇاپا

گمبٽ: ڊائريڪٽر ايس ٽيوٽا پاران سکيا ڏيندڙ ادارن تي ڇاپا

گمبٽ: ڊائريڪٽر ايس ٽيوٽا پاران سکيا ڏيندڙ ادارن تي ڇاپا

گمبٽ (زوھيب سمون) کھڙا. فنئي ۽ ھنري تعليم جي سکيا ڏيندڙ تعليمي ادارن جي ڊائريڪٽر ايس ٽيوٽا ريجن سکھر غلام اصغر سھاڳ جا کھڙا، گمبٽ، اڳڙا، سميت مڙني ھنري سکيا ڏيندڙ تعليمي ادارن مٿان اوچتا ڇاپا، ڇابن دوران غير حاضر ملازمينن کي سبب ڄا ڻيو نوٽيس جاري. ان موقعي تي صحافين سان غلام اصغر سھاڳ ڳالاھيندي چيو تہ موجودہ ايم ڊي ايس ٽيوٽا سنڌہ منور علي مٺاڻي سنڌہ جي فنئي ۽ ھنري تعليم جي سکيا ڏيندڙ تعليمي ادارن کي لا ڀائتو بڻائڻ لاء ڏيھن رات محنت ڪري رھيو آھي ان لاء روزانہ. 2 ڪلاڪ سنڌہ جي ھنري تعليمي اداري کي وڊيو ڪال ذريعي چيڪ ڪري رھيو آھي. ريجنل ڊائريڪيٽر غلام اصغر سھاڳ وڌيڪ چيو تہ ھنري تعليم جي سکيا وٺندڙ تعليمي ادارن ۾ غير حاضر رھندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جا امتحاني فارم نہ ڀريا ويندا ھن شاگردنن ۽ شاگردياڻين جي والدين کي اپيل ڪئي تہ ھو ٻارن کي ھنري اسڪولن ۾ داخل ڪرائين جئين ملڪ مان معاشي بد حاليء جو خاتمو ٿي سگھي.