English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽي جي صدارت ھيٺ پوليو بابت گڏجاڻي
182 views
|
18th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽي جي صدارت ھيٺ پوليو بابت گڏجاڻي
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت ھيٺ ايندڙ پوليو مھم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت گڏجاڻي منعقد، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان جي صدارت ھيٺ 8ـ کان 14ـ جنوري 2024ع تائين جاري رھندڙ پوليو خلاف مھم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت دربار ھال مڪلي ۾ گڏجاڻي منعقد ٿي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي تہ ھو پنھنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بھتر بڻائين تہ جيئن ڪوبہ ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رھجي نہ وڃي. ھُن چيو ته پوليو هڪ خطرناڪ موذي مرض آهي جنهن جو خاتمو اسان سڀني جو قومي فرض آهي، ان ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪوتاھي برداشت نہ ڪئي ويندي، مقرر ھدف ھر صورت ۾ حاصل ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر مرف انتظاميہ ۽ صحت کاتي جي عملدارن کي ھدايت ڪئي تہ ھو سمورن صحت مرڪز ۾ چوويھ ڪلاڪ اي پي آئي سينٽر فعال رکن تہ جيئن تازن ڄاول ٻارڙن کي موقعي تي ئي مخلتلف بيمارين کان بچاءُ جي وڪسين سميت پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي يقيني بنائي سگهجي. ھُن سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ھو مائڪرو پلان کي بھتر بڻائين ۽ پوليو جا ڦڙا پيارڻ بعد فنگر مارڪنگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ھن چيو تہ ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ ماڻھن کي ھڪ ئي دفعي بھتر طريقي سان پوليو جي اھميت ۽ نقصانن بابت آگاھي ڏني وڃي تہ جيئن ھو بار بار انڪار نہ ڪن. ھُن چيو تہ ايندڙ مھم جي ڪاميابي لاءِ بھتر تربيت ۽ جٽادار مانيٽرنگ جي نظام سميت ٽرانزٽ پوائنٽس تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي. هُن عوام خاص ڪري والدين کي اپيل ڪئي آھي ته هو پيدائش کان وٺي پنجن سالن تائين عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ٻه ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن کين مستقل معذوري کان بچائي سگهجي. ان کان اڳ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر راجيش ڪمار ۽ ايميونائيزيشن آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر لائقہ ايندڙ پوليو مهم جي انتظامن ۽ ٻين معاملن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڪاشف قريشي، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، يونيسيف، ڊبليو ايڇ او، پي پي ايڇ آءِ، مرف، تعليم، پوليس لوڪل گورنمينٽ، روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو
اسد علي خان
پوليو مھم
dc THATTO
POLIO
0 تبصرے