ڪراچي جي احسن آباد ۾ غير قانوني واٽر هائيڊرنٽس جي اڏاوت خلاف احتجاج

ڪراچي جي احسن آباد ۾ غير قانوني واٽر هائيڊرنٽس جي اڏاوت خلاف احتجاج

ڪراچي جي احسن آباد ۾ غير قانوني واٽر هائيڊرنٽس جي اڏاوت خلاف احتجاج

گڏاپ (رپورٽر)ڪراچي احسن آباد جي گرين بيلٽ واري زمين تي غير قانوني واٽر هائيڊرنٽس جي اڏاوت خلاف احسن آباد جي رهواسين مک روڊ تي احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙن ۾ مرد. عورتن ۽ ٻارڙا شامل ھئا جن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي مختلف نعرا لکيل هئا. مظاهري ۾ احسن آباد جي رهواسين سيد شاهد حسين. رحمت الله قاسم ستار. سيف الله. اسلم نور. سعيد احمد چانڊيو. اقبال احمد. عبيد علي. فيضان احمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته چيئرمين واٽر بورڊ صلاح الدين جي سرپرستي ۾ احسن آباد گرين بيلٽ جي زمين تي غيرقانوني واٽر هائيڊرنٽس لڳايو پيو وڃي. احسن آباد جا رهواسي هن واٽر هائيڊرينٽ کي مڪمل طور رد ڪن ٿا. هنن چيو ته اسان کي گهرن ۾ پاڻي گهرجي، اسان کي ٽينڪر ذريعي پاڻي نٿا چاھيون. احسن آباد جو مين روڊ سالن کان ھن ٽينڪرن جي ڪري تباھ ٿي چڪو ھيو. جنھن کي ٺاھڻ لاء ڪيترائي سال لڳي ويا. مين روڊ تباھ ھجڻ ڪري ھتي حادثہ به روزانو جو معمول بڻيل ھيا. مين روڊ جي ٺھڻ سان علائقي جون رونقون بحال ٿيونِ آھن. ھاڻي وري پاڻي جا ھائيڊرنٽ لڳائڻ سان علائقي جا روڊ اکڙي ويندا. روڊن جي حالت خراب ٿي ويندي. هنن چيو ته جيڪڏهن غير قانوني هائيڊرنٽ کي فوري طور نه هٽايو ويو ته سموري لاڳاپيل سوسائٽين جا رهواسي هائيڊرنٽس کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏينداسين. جنهن جي ذميواري چيئرمين واٽر بورڊ صلاح الدين ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب مٿان ھوندي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ. نگران وڏي وزيرسنڌ کان مطالبو ڪيو ته احسن آباد جي گرين بيلٽ واري زمين تي غير قانوني واٽر هائيڊرنٽس جو ڪم فوري طور بند ڪري ان کي متبادل جاءِ تي ٺھرايو وڃي. ٻي صورت ۾ اعلي عدالتن جو در کڙڪائينداسين.