English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو جلسو، ھزارين ماڻھو شريڪ
43 views
|
17th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو جلسو، ھزارين ماڻھو شريڪ
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي. سچل ڳوٺ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو جلسو. ھزارين ماڻھن جي شرڪت. منور وساڻ کي آجياڻو. پاڪستان پيپلز پارٽي ھميشه ملڪ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. عوام کي دعوت ٿو ڏيان ته 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ۾ گڏ ٿي شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. منور وساڻ، تفصيل موجب ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ايندڙ اليڪشن ۾ مخالفن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ پاور شو ڏيکاريو ويو. جنھن ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. جنھن ۾ علائقي واسين پاران اڳوڻي ايم پي اي منور وساڻ کي آجياڻو ڏنو ويو.. جڏھن ته پيپلز پارٽي جي جيالي نويد سرائيڪي پاران اڳوڻي ايم پي اي منور وساڻ کي پٽڪو پارايو ويو. جلسي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منور وساڻ چيو ته آئون ھن جلسي گاھ مان اھو واضع اعلان ٿو ڪيان ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت پي ايس 98 جي ٽڪيٽ جنھن به اميدوار کي ڏني ھي سمورو تيار ڪيل گلدستو آء ان اميدوار جي حوالي ڪندس ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ھي تڪ مڪمل طور تي کٽي ڏيکارينداسين. اسان ڪڏهن به عوام جي خدمت کان پوئتي ناھيون ھٽيا. اڳتي به عوام جي خدمت جاري رکنداسين. ان موقعي تي مقررن جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کي اپيل ٿا ڪيون ته پي ايس 98 تي منور وساڻ کي ٽڪيٽ ڏي. ڇوته منور وساڻ ھن علائقي جي ماڻھن جي مجبوري آهي. ھنن چيو ته اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جي ان فيصلي جي آجيان ڪنداسين. ھنن چيو ته اسان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي اپيل ٿا ڪيون ته ھن علائقي جا ماڻهو ھميشه پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ رھيا آھن. قيادت کي گھرجي ته علائقي واسين جا بھتر نموني ڪم ڪري ۽ انھن بنيادي مسئلا حل ڪرائي. ان موقعي تي جلسي کي محرم راجپر. مير اڪبر چانڊيو. سليم وساڻ. سيف الله مغيري. شاھجان مارفاڻي. سليم شاھ. محمد يوسف ڪلھوڙو. وڏيرو محمد اسمائيل چنو. آصف چانڊيو. آغا زوھيب پٺاڻ. زاڪر ڪانڌڙو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا..
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ
سچل ڳوٺ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي
منور وساڻ
0 تبصرے