English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پاران ڌاٻيجي ۾ کليل ڪچھري منعقد، عوامي مسئلا ٻڌا
245 views
|
10th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پاران ڌاٻيجي ۾ کليل ڪچھري منعقد، عوامي مسئلا ٻڌا
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان يونين ڪائونسل ڌاٻلجي ۾ کليل ڪچھري منعقد ڪري تعلقي ميرپور ساڪرو خاص طور تي ڌاٻيجي، مارڪيٽ، گهارو (تپو گهارو) جي زميندارن جا مسئلا ٻُڌي درخواستون وصول ڪيون ۽ لاڳاپيل عملدارن کي موقعي تي ئي حڪم پڻ جاري ڪيا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته جيڪي کاتيدار پنهنجي زمينن جا دستاويز ٺھرائي ناھن سگھيا اهي جلد اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪليم داخل ڪن ته جيئن حقن جي رڪارڊ جي بحالي جو ڪم شروع ڪري سگهجي. عوام پاران ڪيل شڪايتن تي ڊپٽي ڪمشنر تعلقي ميرپور ساڪرو جي اسسٽنٽ ڪشنر اقبال احمد تنيو ۽ مختيارڪار احمد ميمڻ کي هدايت ڪئي ته شڪايت ڪندڙن جي زمينن جي جانچ ڪري سندن جائز مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (زيبسٽ) توڙي اڪنامڪ زون ڌاٻيجي انتظاميا ۽ مقامي ماڻهن سان گڏجي مختص زمينن جي حد بندي ڪري مقامي ماڻھن جا خدشہ دور ڪيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڌاٻيجي، مارڪيٽ ۽ گهارو ۾ قائم هائوسنگ اسڪيمن جي انتظاميہ کي طلب ڪري گهربل دستاويز چيڪ ڪيا وڃن جڏهن ته غيرقانوني اسڪيمن کي سيل ڪري هائوسنگ اسڪيمن جي احاطي ۾ ايندڙ زمينون اصل کاتيدارن جي حوالي ڪيون وڃن ۽ هائوسنگ اسڪيم مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي پڻ ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌ جي ثقافت کاتي جي عملدارن سان رابطو ڪري ڀنڀور جي زمينن تي غير قانوني قبضا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن آثار قديمه جي سرڪاري ايراضي کي محفوظ ڪري سگهجي. يونين ڪائونسل ڌاٻيجي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر پاران غيرقانوني دڪانن جي اڏاوت بابت ڪيل شڪايت تي ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته دڪانن کي فوري طور ڊاهي يونين ڪائونسل ۽ پارڪ کي اصل شڪل ۾ بحال ڪري غيرقانوني اڏاوت ۾ ملوث عنصرن خلاف ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرائي وڃي. هن چيو ته يونين ڪائونسل ڌاٻيجي جي آفيس جي مرمت ۽ بحالي لاءِ پڻ ڪوششون ورتيون وينديون. علائقي ۾ قائم فيڪٽرين ۽ صنعتن پاران زهريلي پاڻي ۽ دونهين جي اخراج سميت مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي ۾ نظر انداز ڪرڻ بابت ڪيل شڪايتن تي ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته فيڪٽرين جي انتظاميه کي گهارو شھر ايندڙ کلي ڪچھري دوران شرڪت لاءِ پابند ڪيو وڃي ته جيئن مقامي ماڻهن جي روزگار ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪري سگهجي. هن چيو ته نيشنل هاءِ وي تان غيرقانوني حددخليون ۽ ناجائز قبضہ هٽائڻ لاءِ فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي آمدرفت ۾ آساني پيدا ٿي سگهي. پيئڻ جي صاف پاڻي، صحت ۽ ٻين بنيادي مسئلن بابت ڪيل شڪايتن تي ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان چيو ته پبلڪ هيلٿ، صحت ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ان حوالي سان فوري قدم کڻن لاءِ پابند بنايو ويندو ته جيئن عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان
ميرپور ساڪرو
مارڪيٽ، گهارو (تپو گهارو) جي زميندارن
ٺٽو
0 تبصرے