ڏهرڪي تعلقه بار جون چونڊون، صدر ۽ نائب صدر بنا مقابلي ڪامياب

ڏهرڪي تعلقه بار جون چونڊون، صدر ۽ نائب صدر بنا مقابلي ڪامياب

ڏهرڪي تعلقه بار جون چونڊون، صدر ۽ نائب صدر بنا مقابلي ڪامياب

ڏهرڪي (رپورٽر) ڏهرڪي تعلقه بار جون چونڊون سينئر وڪيل ڄام عبدالفتح سميجو بنا مقابلي صدر ۽ وڪيل غلام رسول مهر نائب صدر چونڊجي ويا۔اسان تعلقه بار جي وڪيلن جا نهايت ئي شڪر گذار آهيون جن اسان مٿان اعتماد ڪندي بنا مقابلي ڪامياب ڪيو آهي وڪيل غلام رسول مهر خبر موجب ڏهرڪي تعلقه بار جي سال 2024 جي رٿيل 23 ڊسمبر تي چونڊون جي سلسلي ۾ بار سينئر وڪيل سليم اختر ملڪ جي پينل جي صدارتي اميدوار وڪيل ڄام عبدالفتح سميجو صدر ۽ نائب صدر جي اميدوار وڪيل غلام رسول مهر سامھون ڪنھن ٻي اميدوار پاران فارم نہ ڀرائڻ سبب سينئر وڪيل ڄام عبدالفتاح سميجو ٻيو ڀيرو تعلقہ بار ڏهرڪي جو صدر ۽ غلام رسول مهر نائب صدر جا عهديدار چونڊجي ويا آهن جڏهن ته ساڳي پينل مان وڪيل عبدالمنان ڪوڀر جوائنٽ سيڪريٽري۔وڪيل غلام عباس عرف جاويد اختر سومرو فنانس سيڪريٽري تي پڻ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا جڏهن ته ميمبر مئنجمينٽ ڪاميٽي تي وڪيل علي حسن ڀيو۔ وڪيل وڪيل ساجد حسين آرائين۔وڪيل سنديپ ڪمار ۽ وڪيل ميڊم تائيبا روھي پڻ چونڊجي وئي آهي ان سلسلي ۾ بنا مقابلي ڪامياب ٿيل ڏهرڪي بار جي صدر ڄام عبدالفتح سميجو ۽ نائب صدر وڪيل غلام رسول مهر جو چوڻ هو ته اسان ڏهرڪي بار جي وڪيل دوستن جا نهائت ئي شڪر گذار آهيون جن اسان مٿان اعتماد ڪندي بار جي چونڊون ۾ کيس بنا مقابلي ڪامياب ڪيو آهي انهن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته بار جي وڪيلن کي گڏ کڻي کيس جائز مسئلا تر جهي بنيادن تي حل ڪيا وڃن هوڏانهن وڪيلن ۽ شهرين بنا مقابلي ڪامياب ٿيل اميدوارن کي گلن جا هار پارائي کيس مبارڪون پيش ڪيون