سجاول جوڻيجو ويجھو صوفي بزرگ غلام شاه غازي ءَجي سالياني ورسي ملھائي وئي

سجاول جوڻيجو ويجھو صوفي بزرگ غلام شاه غازي ءَجي سالياني ورسي ملھائي وئي

سجاول جوڻيجو ويجھو صوفي بزرگ غلام شاه غازي ءَجي سالياني ورسي ملھائي وئي

سجاول جوڻيجو (رپورٽر) سجاول جوڻيجو لڳ درگاه سيد غلام شاه غازي تي سائين غلام شاه غازي ءَجي سالياني ورسي وڏي عقيدت۽ احترام سان ملهائي وئي درگاه جي اڱڻ کي بلبن بتين۽رنگ برنگي گلدار جهنڊين۽لغڙين سان سينگاريو ويو ۔سنگ سان پَڙَچاڙهڻ کان پوء محفل جي تلاوت ڪلام الاهي سان ابتدا ڪئي وئي۔ سنڌسگهڙلوڪ ادب تنظيم ”سلات“ جي نامور سگهڙن ضلع قمبر شھدادڪوٽ جوصدرسائين سيدمختيارعلي شاه جنرل سيڪريٽري ديدارعلي لغاري جمع خان ڀٽي بهادر ديناري۽سلات جو مرڪزي اڳواڻ سگهڙ ارشاد علي عرضائي علي بخش مگسي{ٻوڙو}۽ٻين ڏورگجهارتون هنرپهاڪا سينگار۽منقبتون ٻڌائي ويٺل ٻڌندڙن کان خوب داد حاصل ڪيوسلات جي مرڪزي اڳواڻ سگهڙارشادعلي عرضائي۽ ضلع اڳواڻن ڳالهائيندي چيوته الله وارن درويشن جون برن ۾ بازاريون لڳيون پيون آهن ميلا متا پياآهن ڪنڊڪڙڇ کان پانڌيئڙا زيارت۽ ميلن تي اچن ٿا۽پنهنجي من جون مرادون حاصل ڪن ٿاسڪون وٺي پنهنجن پنهنجن ماڳن تي موٽي وڃن ٿاائين ئي سلات جاسگهڙ به لوڪ ادب جي پرچارڪرڻ لاء جهرجهنگ واهڻ وستي شھر توڙي بربحر۾لوڪ جون لاتيون لنوي امن پيار محبت ۽اخوت جي پيغام پهچائڻ ۾ وسان نه گهٽايو آ۔آخر۾ ويراڳ جي محفل ٿي