ڏهرڪي ويجهو بااثر 2نوجوانن کي مبينا اغوا بعد تشدد ڪري بيھوشي حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار

ڏهرڪي ويجهو بااثر 2نوجوانن کي مبينا اغوا بعد تشدد ڪري بيھوشي حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار

ڏهرڪي ويجهو بااثر 2نوجوانن کي مبينا اغوا بعد تشدد ڪري بيھوشي حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار

ڏهرڪي (رپورٽر) ڏهرڪي ويجهو پراڻي تڪرار تان بااثرن پاران مبينه طور نوجوانن کي اغوا ڪري اوطاق تي کڻي وڃي وحشاڻو تشدد بيهوش ٿيڻ تي جوبدران پاڻ بچائڻ لاءِ نوجوانن مٿان چوري جو الزام لڳائي نوجوانن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو نازڪ حالت هئڻ سبب نوجوانن کي وارث علاج لاءِ سکر کڻائي ويا ،منهنجو پٽ شهزاد علي پنهنجي دوست نواب سان گڏجي ميرپور ماٿيلو کان اوٻاوڙو وڃي رهيو هو ته رستي ۾ پراڻي تڪرار تان بااثرن عنايت علي برڪت ۽ امير لاڙڪ سان گڏجي اغوا ڪري پنهنجي اوطاق تي کڻي وڃي وحشاڻي تشدد جو نشانو بڻائي بيهوشي واري حالت ۾ پوليس حوالي ڪري فرار ٿي ويا آهن (اقبال لاڙڪ)خبر موجب ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ پراڻي تڪرار تان بااثرن پاران مبينه طور ٻن نوجوانن شهزاد علي پٽ اقبال ۽ نواب پٽ محمد پريل کي اغوا ڪري اوطاق تي کڻي وڃي وحشاڻو تشدد جو نشانو بڻايو جنهن بعد ٻنهي نوجوانن جي بيهوش ٿيڻ تي جوبدران پاڻ بچائڻ لاءِ نوجوانن مٿان چوري جو الزام لڳائي نوجوانن کي پوليس حوالي ڪري فرار ٿي ويا ان موقعي تي مبينه تشدد سبب بيهوش ٿيل نوجوان شهزاد علي جي پيءَ اقبال احمد ٻڌايو ته منهنجو پٽ شهزاد علي پنهنجي دوست نواب سان گڏجي ميرپور ماٿيلو کان اوٻاوڙو وڃي رهيو هو ته رستي ۾ پراڻي تڪرار تان بااثرن عنايت علي برڪت ۽ امير لاڙڪ پنهنجي ساٿين سان گڏجي سندس پٽ ۽ دوست کي اغوا ڪري پنهنجي اوطاق تي کڻي وڃي وحشاڻي تشدد جو نشانو بڻايو آهي هن چيو ته جوبدارن سندس پٽ ۽ دوست جي بيهوش ٿيڻ تي پاڻ بچائڻ لاءِ الٽو منهنجي پٽ شهزاد ۽ سندس دوست نواب مٿان چوري جو ڪوڙو الزام مڙهي کيس زخمي حالت ۾ ڏهرڪي پوليس حوالي ڪري فرار ٿي ويا آهن هن چيو ته جوبدارن کيس بنا جواز پٽ ۽ دوست مٿان وحشاڻو تشدد ڪري کيس زخمي ڪيو آهي هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پٽ ۽ سندس دوست مٿان وحشاڻو تشدد ڪندڙ جوبدارن خلاف ڪاروائي ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي هوڏانهن نوجوانن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس علاج لاءِ سکر نيو ويو،