مورو گرلز ڊگري ڪاليج ۾ اسٽريم پروگرام تحت سائنس بابت ھڪ ڏينهن واري تقريب

ميونسپل چيئرمين نظير احمد ميمڻ، اي ڊي سي ٽو مستقيم قريشي، راشد مسعود عباسي ۽ ٻيا شريڪ

مورو گرلز ڊگري ڪاليج ۾ اسٽريم پروگرام تحت سائنس بابت ھڪ ڏينهن واري تقريب

مورو(جاني جماڻي) مورو جي گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ اسٽريم پروگرام تحت سائنس متعلق ھڪ روزہ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنھن جو افتتاح چئرمين ميونسپل ڪاميٽي نظير احمد ميمڻ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو نوشھروفيروز مستقيم قريشي راشد مسعود عباسي، ڪاليج پرنسپال ميڊم افشان بانو ڪانڌڙو، اسلم عباسي، سيد محسن علي شاھ، جاويد مصطفي' ڪانڌڙو ۽ ٻين ربن ڪاٽي افتتاح ڪيو جڏھن تہ ھن سائنسي تقريب ۾ پروفيسر گل ميمڻ، پروفيسر آصف علي مستوئي، پروفيسر مير نواز سيال، حق نواز ميمڻ، افتخار ٻگھيو، صحافين جاني جماڻي ظفر پنهور فقير بشير احمد لغاري، اختر لغاري، وحيد رزاق مستوئي، آصف ميمڻ، جاويد علي فيروز ميمڻ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. جڏھن تہ مورو گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ۾ ضلعي جي 12 ڪاليجز حصو ورتو ء ان جج شاگردن شاگردياڻين پاران سائنس متعلق مختلف ماڊلز تيار ڪري رکيا ويا جتي ھر ايندڙ ويندڙ کي تيار ڪيل ماڊلز متعلق آگاھي ڏني وئي جتي شاگردياڻين شاگردن کي داد ڏنو جڏھن تہ ڪاليج طرفان آيل مھمانن کي اجرڪن لونگين جا تحفا ڏنا ويا ۽ بھترين قابليت رکندڙ شاگردن شاگردياڻين کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا جڏھن تہ ٽيچرس کي شيلڊون ڏنيون ويون. ھن تقريب ۾ مختلف ڪاليجز جي پروفيسرن، اسڪول جي استادن سياسي سماجي علمي ادبي حلقي سان واسطو رکندڙن صحافين پڻ وڏي ۾ شرڪت ڪئي ۽ انھي عمل کي ساراهيو