ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي قلم جو جادو

تحرير:نزاڪت علي سومرو

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي قلم جو جادو

سنڌ جي عظيم شاعر، عالم، محقق، لطيفيات جي ماهر، سچل شناس ڊاڪٽر تنوير عباسي جو اصل نالو نور نبي عباسي هو سندس جنم 07 ڊسمبر 1934ع تي خيرپور ضلعي جي شهر سوڀي ديري ۾ گل محمد عباسي جي گهر ۾ ٿيو. گل محمد عباسي ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. تنوير عباسي پرائمري تعليم نوشهرو فيروز 1940ع ۾ ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون درجو هيرانند اڪيڊمي ڪراچي ۾ پڙهيو ۽ انگريزي تعليم ڊبليو بي هاء اسڪول ڪراچي ميٽرڪ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان انٽر سائنس ڊي. جي سنڌ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ايم. بي. بي. ايس 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ڪيائين.

تنوير عباسي جو شمار بهترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو. شروعاتي دور ۾ سندس شاعري روايتي هئي، پر پوء جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نظم ۽ آزاد نظم ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايائين .هر صنف ۾ شاعري ڪيائين، شاعريءَ کانسواءِ نثر جي مختلف صنفن ۾ پڻ سندس بهترين ڪم ڪيل آهي.

تنوير عباسي جو پهريون شعر فنڪار 1950ع ۾ ڇپيو تنوير کان اڳ پاڻ مغموم تخلص استعمال ڪندو هو.

ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاعري جو پهريون ڪتاب رڳون ٿيون رباب 1958ع، شعر 1970ع، سج تريء هيٺان 1977ع، هي ڌرتي 1985ع، تنوير چئي 1989ع ۽ ساجن سونهن سرت 1996ع شاعريء جا مجموعا آهن انهن کانسواءِ ڪجھ ڪتاب تحقيق، ترتيب، اڀياس ۽ سفر نامن تي ٻڌل ڪتاب آهن. ڪجھ ترجمان بہ ڪيا، پاڻ هڪ ڪهاڻي "لوئي" لکيائون جنھن جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي سٺين ڪهاڻين ۾ ٿئي ٿو، هي ڪهاڻي ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپي. سندس ڪجھ شاعري پنجابي، اردو ۾ ترجمو ٿي.

چونڊ ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب

ٻاراڻا ٻول 1973ع، جديد سنڌي شاعريءَ 1981ع، خير محمد هيسباڻي جو ڪلام 1983ع،نانڪ يوسف جو ڪلام 1982ع،ڏوري ڏوري ڏيھ (سفرنامو) 1984ع، منهن تنين مشعل (خاڪا) 1990ع، ترورا 1988ع، سپني کان سهڻي ساڀيان 2002ع مون کي اڳتي وڃڻو آ 2000ع ۽شاه لطيف جي شاعري (تحقيق) جلد پهريون 1976ع، جلد ٻيو 1985 ع ۽ ٽي جلد گڏ 1989ع تنوير عباسي ويٽنامي ناول "جي ماريا نہ موت" جو ترجمو ڪيو.

۽ سچل سرمست جي نالي سان انگريزي ۾ ڪتاب شايع ڪرايو. پاڻ لطيفيات، سچل ۽ ٻين تي ڪيترائي تحقيقي مضمون ۽ مقالا لکيا. پاڻ ادبي ادارن جي مختلف عهدن تي رهيو يارهن سالن تائين ادبي سنگت مرڪز جو سيڪريٽري جنرل ٿي رهيو.سچل چيئر شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور جو صلاحڪار ۽ ڊائريڪٽر رهيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي لکيو تہ " ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ڪم ۾ جتي فطرت جو رنگ، ٻوليءَ جي حسناڪي، ۽ رواني موجود آهي اتي هن سادي ۽ دل کي وڻندڙ ٻولي ڪم آڻي پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ جي اعلي معيار جي نثر نگارن جي صف ۾ بيهاريو آهي جنھن جي ڪري کيس سنڌي ٻوليءَ جو بهترين نثر نگار، محقق، نقاد، تجزئي نگار، حقيقت شناس، واقع نگاري جو ماهر نثر نويس اعلي معيار جو لطيف شناس ۽ سچل شناس چئي سگهجي ٿو.

تنوير عباسي جي شاعري سنڌ جي سريلن فنڪار پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳائي جن ۾ محمد ابراهيم، جيجي زرينه بلوچ، عابده پروين، سينگار علي سليم، برڪت علي، گلزار علي خان، سهراب فقير، ممتاز لاشاري ۽ ٻين فنڪارن ڳائي آهي.

ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شخصيت ۽ ڪم تي لکيل ڪتابن ۾ 1 تنوير عباسي ليکڪ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو 2 تنوير عباسي فن اور شخصیت (اردو) ادل سومرو 3 پوان شل قبول مرتب اياز گل 4 مان تنوير آھيان مرتب مشتاق ڪلهوڙو 5 ڪجھ ڏيئي وينداسين مرتب يوسف سنڌي, مهراڻ 2000/2

ڊاڪٽر تنوير عباسي جون ٻہ شاديون هيون، پهرين شادي 1948ع ۾ ۽ ٻي شادي 1963ع ۾ ٿي جن مان کيس ٽي نياڻيون ۽ هڪ پٽ آهي سندس گهر ميرواه جي ڪپ تي سرمد جو گهر نالي آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي 25 نومبر 1999ع تي 64 سالن جي عمر ۾ اسلام آباد ۾ وفات ڪري ويو.

اسين بہ پارس ناهيون سپرين، اوهين بہ پارس ناهيو،

پيار ڇهي ويو، اسان ٻنهي کي، سونا ٿي پيا آهيون.

تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان،

تنهنجو ديدار ڪرڻ ٿو چاهيان.

توسان مان عشق جو اظھار ڪري،

تنهنجي حيراني ڏسڻ ٿو چاهيان.

پاند خالي ڪري آيس ان لئہ،

توکان ڪجھ آهون گهرڻ ٿو چاهيان.

ڪو پٿاري نہ پٿاري دامن،

مان تہ لڙڪ آهيان ڪرڻ ٿو چاهيان.



ماڻهو مکڙين کان پيارا،

ماڻهو گلڙن کان سهڻا.

ماڻهو سمنڊ کان اونهان،

ماڻهو عرش کان اونچا.

ماڻهو پهڻن کان ڳورا،

ماڻهو ڪڪرن کان بہ هلڪا.

ماڻهو ڀاڳ ۽ بخت،

ماڻهو هيري کان سخت.

ماڻهو مکڻ کان ڪئنرا،

ماڻهو ماکيء کان مٺا.