ٺٽو: ڪوھستان واسي جديد دور ۾ بھ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت بنيادي سھولتن کان محروم

ٺٽو: ڪوھستان واسي جديد دور ۾ بھ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت بنيادي سھولتن کان محروم

ٺٽو: ڪوھستان واسي جديد دور ۾ بھ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت بنيادي سھولتن کان محروم

ٺٽو(شفيق ڀٽي) تعلقي ٺٽي جي وڏي ڪوھستاني يوسي جھمپير کي رھواسي ڪوھستان واسين سمورين بنيادي سھوليتن ۾ نظر انداز ڪري ڇڏيو، رھواسي بنيادي سھوليتن کان محروم بڻيل، جھمپير لڳ امير پير ڪينجھر ڍنڍ کان 17 ڳوٺن کي پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪندڙ ڪروڙين جي لاڳت سان جوڙيل واٽر سپلاء ڪيترن ئي سالن کان بند پيل، چور پاڻي جون لائينون بہ پٽي ڪڍي ويا، ڳوٺ وڪيو جاکرو ۾ قائم واٽر سپلاء توڙي RO پلانٽ بہ ناڪارہ بڻيل، ڪوھستان واسي پيئڻ جي صاف پاڻي، صحت، تعليم، روڊ، رستي، بجلي، سوئي گئس، روزگار سميت سمورين بنيادي سھوليتن کان محروم بڻيل، چوپائي مال ۾ ڦھلجندڙ بيماري بہ وٿاڻ خالي ڪري ڇڏيا، ڀاڳئين جي مٿي تي ھٿ اچي ويا، گيسٽرو، دست، الٽي، جگر جي بيماري سميت انسان بہ مختلف بيمارين جي ور ڇڙھي ويا، انھن جي بہ ڪير سار لھڻ وارو ناھي ۽ نہ ئي ڪوھستان واسين جي زمينن، قبرستانن، توڙي سندن رستن تي ٿيل عيرقانوني قبضا خالي ٿي سگھيا آھن، ڪوھستاني پٽي ۾ پکين جي نسل ڪشي سميت ڪيترائي اسڪول بند ھجڻ ڪري ٻارڙا تعليم کان محروم بڻيل، نئين ٿيل تڪبندين ۾ يوسي جھمپير مان 55 کان وڏيڪ ڳوٺن کي يوسي ڄنگھڙي ۾ شامل ڪري ڪوھستان واسين سان ٿيل ناانصافين جو نہ ازالو ٿي سگھيو ۽ نہ ئي پولينگ اسٽيشنون قائم ٿي سگھيون، ڪوھستان واسين جون دانھون، ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ کي سوڇي سمجھي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪندي جائز مسئلا حل ڪرڻ جي گھر ڪئي ويئي آھي، ان سلسلي ۾ يوسي جھمپير جي ڪيترن ئي متاثر رھواسين توڙي ڪوھستان سجاڳ تنظيم جي اڳواڻن ڪوھستاني محمد انور جاکرو، عمر برفت، طيب چانگ، غلام چانگ، حسين چانگ، غلام رسول چانگ ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو آھي تہ تعلقي ٺٽي جي وڏي ڪوھستاني يوسي جھمپير جي رھواسين کي ھر دور ۾ سنڌ سرڪار، چونڊيل نمائندن سميت ضلعي انتظاميہ ٺٽو نظر انداز ڪري کين سمورين بنيادي سھوليتن کان محروم رکيو ويو آھي، ھنن چيو تہ جھمپير لڳ امير پير وٽان ڪينجھر ڍنڍ مان 17 ڪوھستان واسي ڳوٺن جي 34 ڪلوميٽر ڊگھي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان واٽر سپلاء منظور ٿي ھئي، جيڪا ڪجھ وقت ھلڻ بعد ڪيترن ئي سالن کان بند پيل اھي، جنھن جا لوھي پائيپ بہ چور چوري ڪري ويا آھن، ان کانسواء ڳوٺ وڪيو جاکرو ۾ بہ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان جوڙايل واٽر سپلاء ۽ ار او پلانٽ بہ ناڪارہ ھجڻ ڪري ڪوھستان واسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل اھن، انھن تي مقرر ملازمن کي پبلڪ ھيلٿ کاتي پاران پگھارون نہ ڏيڻ ڪري ملازم بہ بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھن، ھنن چيو تہ ڪوھستاني زمينن توڙي ڪوھستان واسين جي قديمي قبرستانن تي ٿيل قبضا بہ ختم ٿي ناھن سگھيا ۽ نہ ئي وڏي تعداد ۾ قائم ٿيل ملڪي توڙي غير ملڪي ڪمپنينن ۾ مقامي ماڻھن کي ڪو روزگار ٿو ملي، ڪوھستاني پٽي ۾ تازو چوپائي مال ۾ ڦھجلجندڙ بيمارين ڀاڳئين جا وٿاڻ خالي ڪري ڇڏيا آھن، پر جانورن جو پالنا کاتو اگھور ننڍ ستل اھي، جنھن کي ڀاڳئين جو ڪوبہ احساس ناھي، ھنن چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ سيارو شروع ٿيندي ئي مھمان پکين جي شڪارين پاران نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، پر وائلڊ لائيف کاتو شڪارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء انھن جو ساٿاري بڻيل آھي، ھنن چيو تہ تازو ٿيل نئين تڪبندين ۾ يوسي جھمپير جا 55 کان وڌيڪ ڳوٺ يوسي ڄنگھڙي ۾ شامل ڪيا ويا آھن، جيڪا پڻ ڪوھستان واسين سان وڏي ناانصافي ھجڻ سان گڏ اڃان تائين پولينگ اسٽيشنون ہہ قائم ٿي ناھن سگھيون، ھنن چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ صحت جون سھولتون نہ ھجڻ ڪري اڪثر ننڍا توڙي وڏا ماڻھون دست، الٽي، گيسٽرو، ساھ، دم، جگر جھڙين خطرناڪ بيمارين ۾ وڪوڙجي رھيا آھن، پر صحت کاتو ڪجھ بہ ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھنن چيو تہ چورين، ڦرن سميت منشيات جو پڻ آزار وڌيل آھي، جنھن ڪري نوجوان نسل تباھي طرف ڌڪجي رھيو اھي، ھنن چيو تہ جھمپير ريلوي اسٽيشن تان ھڪ، اڌ مسافر ٽرين جي باقي گاڏين جا اسٽاپ ختم ڪري جھمپير واسين کان سفري سھولتون بہ کسيون ويون آھن. ھنن گھر ڪئي تہ سالن کان بند ٿيل واٽر سپلائون ۽ ار او پلانٽ بحال ڪري ڪوھستاني واسين کي ويئڻ جو پاڻي مھيا ڪري ڪوھستاني زمينن توڙي قبرستانن تي ٿيل غير قانوني والارون توڙي قبضا خالي ڪرائي، بند ٿيل اسڪول کولرائي سندن ٻارڙن کي تعليم ڏياري سندن مستقبل سنواري چوپائي مال ۾ ڦھلجندڙ بيمارين جو علاج ڪرائي ڀاڳئين کي نقصان کان بچائي ڪوھستان واسين کي صحت، تعليم، روزگار، رود، رستي، بجلي سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري کين پريشاني کان بچائي چورين ڦرن تي ڪنٽرول ڪري امن امان جي صورتحال بھتر ڪري منشيات جي پاڙ پٽي منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروائي ڪري نوجوان نسل کي تباھي کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ بنيادي سھولتون ميسر نہ ٿيڻ جي صورت ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ سوچي سمجھي استعمال ڪيو ويندو.