جھمپير جي مختلف اسڪولن جون عمارتون زبون حال

جھمپير جي مختلف اسڪولن جون عمارتون زبون حال

جھمپير جي مختلف اسڪولن جون عمارتون زبون حال

ٺٽو( شفيق ڀٽي) تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني يوسي جھمپير جي ڪيترن ئي اسڪولن جي بلڊنگن جون سالن کان مرمتون نہ ٿيڻ ڪري انتھائي زبون حال بڻيل جن ۾ تدريسي عمل بہ جاري رکڻ وڏو رسڪ بڻيل، ويتر ڪسر ٺيڪيدارن مرمت لاء منظور ٿيل اسڪولن جون ڇتيون لاھي پوري ڪري ڇڏي، رھواسي سخت پريشان، ان سلسلي ۾ يوسي جھمپير جي وڏي آبادي واري قديمي ڪوھستاني ڳوٺ گودڙ خان جاکرو جي ڪيترن ئي رھواسين سندن ڳوٺ جي اسڪول جي منظور ٿيل بلڊنگس جي ڇت ٺيڪيدارن پاران لاھي وڃڻ بعد مرمتي ڪم شروع نہ ڪرڻ خلاف سخت احتجاج ڪندي مقامي متاثر ڳوٺاڻن وڏيرو شفيع محمد جاکرو، گل حسن جاکرو، حاڪم علي جاکرو، مھرعلي جاکرو، جونجھار جاکرو، ولي محمد جاکرو، علي بھادر جاکرو، دلمراد جاکرو، عطا محمد ۽ ٻين دانھيندي چيو تہ سندن ڳوٺ جي اسڪول جي عمارت انتھائي زبون حال بڻيل اھي، جنھن کي وڏين ڪوششن بعد منظور ڪرايو آھي، پر ٺيڪيدار پاران ڪجھ وقت اڳ رڳو ڇت لاھي گم ٿيڻ بعد ڪوبہ تعميراتي ڪم شروع ٿي ناھي سگھيو، جيڪا ڳوٺاڻن سان وڏي ناانصافي آھي، ھنن چيو تہ قومي توڙي صوبائي اليڪشنون بہ جلد ٿيڻ واريون آھن، ان ھوندي بہ سندن اسڪول جي لٿل ڇت تعمير ٿي ناھي سگھي، ھنن چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ ڪافي اسڪولن جون بلدنگون زبون حال ھجڻ سان گڏ انھن ۾ فرنيچر بہ موجود ناھي، پر ھن طرف تعليم کاتي سميت ضلعي انتظاميہ بہ ڪو ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن ٺيڪيدارن جي ڪن مھٽ ڪري سندن زبون حال اسڪول جي لاٿل ڇت تعمير ڪرائي وڃي، جيئن ان ۾ تدريسي عمل جاري ڪرائي سگھجي.