English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي سميت لاڙ جي سمورن ضلعن ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ برقرار، آبادگار پريشان
169 views
|
13th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ٺٽي سميت لاڙ جي سمورن ضلعن ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ برقرار، آبادگار پريشان
ٺٽو( ڊر) ٺٽي سميت لاڙ جي سمورن ضلعن ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ سنگين صورت اختيار ڪري ورتي بليڪ تي يوريا ڀاڻ جي وڪري سبب آبادگار سخت پريشان ٿيڻ لڳا، انتظاميہ ڪوبہ نوٽيس نہ ورتو، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان وارن ضلعن ۾ ڪڻڪ جي پوکي ٿيندي ئي مارڪيٽ مان يوريا ڀاڻ جو هٿرادو بحران پيدا ڪري آبادگارن کي نقصان طرف ڌڪڻ شروع ڪري ڇڏيو، يوريا ڀاڻ جي سرڪاري ريٽ 35 سئو روپيه هجڻ باوجود واپاري بليڪ ڪري 6 هزار روپيه في ٻوري وڪرو ڪرڻ لڳا، ڊي اي پي ڀاڻ پڻ 3 کان 5 هزار روپيه في ٻوري وڌيڪ وڪرو ٿيڻ لڳي، ان سلسلي ۾ مقامي ابادگارن ۽ زميندارن دانھيندي چيو اھي تہ ايف ايف سي توڙي سرسبز ۽ ٻين فرٽيلائيزر ڪمپنين پاران تيار ٿيندڙ يوريا ڀاڻ ۽ ڊي اي پي ڀاڻ بليڪ ڪري مخصوص گدامن کان 50 سيڪڙو مهانگي اگھ تي وڪرو ٿيڻ ڪري آبادگارن کي ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آھن، جنھن جو ازالو ٿي ناھي سگھيو، ھنن چيو تہ ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن ۾ ڪڻڪ ڪمند ٽماٽي سميت سمورا فصل سخت متاثر ٿيڻ لڳا آھن، ھٿ وٺي ڊيلرن ۽ ڀاڻ جي واپارين پاران ڀاڻ جو بحران پيدا ڪري بليڪ تي وڪرو جاري ڪري ڀاڻ بليڪ ڪري وياج جي ڪاروبار کي هٿي ڏياري پئي وڃي، جنھن جو فوري طور نوٽيس ورتو وڃي، ٻئي طرف ڀاڻ جي واپاري سريش ڪمار ۽ ٻين جو چوڻ ھو تہ ڀاڻ جو بحران فرٽيلائيزر ڪمپنين مان گئس جي گهٽ فراهمي سبب گهٽ مقدار ۾ تياري ٿيڻ آھي ۽ وڏا ڊيلر پڻ ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ جا ذميوار آھن، اسان مهانگي اگھ تي ڀاڻ خريد ڪرڻ سبب مهانگي ريٽ تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھيون، حڪومتي رِٽ نه رهي آھي، اسانکي سستي اگھ تي ڀاڻ مليو تہ ضرور سستي اگھ تي بہ وڪرو ڪنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي سميت لاڙ جي
ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان وار
يوريا ڀاڻ
0 تبصرے