English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورخاص ايوان صحافت جي اليڪشن، پروگريسو پينل جا 8 اميدوار ڪامياب
views
|
13th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ميرپورخاص ايوان صحافت جي اليڪشن، پروگريسو پينل جا 8 اميدوار ڪامياب
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ڊويزن جي مرڪزي صحافتي اداري ايوان صحافت جي سالياني اليڪشن 2024ع ۾ ايوان صحافت پروگريسو پينل جا 8 ۽ ڊيموڪريٽڪ پينل جا 3 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا. صدر جي عهدي لاءِ پروگريسو پينل جو فضل شر 30 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته صدر جي عهدي لاءِ ڊيموڪريٽڪ پينل جو فلڪ شير ٽي ووٽ حاصل ڪري سگهيو، اھڙي طرح پروگريسو پينل جي سينئر نائب صدر مختيار احمد ڪيريو نائب صدر غفار رند، جنرل سيڪريٽريءَ اظھر چڍڙ،جوائنٽ سيڪريٽري غفار شر، خزانچي بابو شرف الدين لغاري. اطلاع سيڪريٽري انور بروهي، ۽ ايم ايم سي عمران راجپوت جڏهن ته پروگريسو پينل جي ايم ايم سي شهزاد صابري، زمان قائمخاني ۽ خير دين چانڊيو ڪامياب. ٻنهي پينلن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو. ايوان صحافت ميرپورخاص مسلسل 4 سالن تائين 13 ڊسمبر تي شفاف چونڊون ڪرايون ۽ ان تاريخ کي سڄي ڊويزن ۾ صحافتي جمهوريت جو ڏهاڙو بڻائي ڇڏيو. ايوان صحافت جي اليڪشن انفارميشن کاتي جي ضلعي آفيسر ياسر نواز ميمڻ ۽ ايڊووڪيٽ غلام نبي مييو جي اڳواڻي ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ايوان صحافت ٽنڊو جان محمد شهزاد سومرو شرڪت ڪئي. ايوان صحافت ميرپورخاص اليڪشن فيئر ۾ سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيتن، تعلقي آفيسن جي صدرن ۽ ميمبرن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ ايوان صحافت جي منفرد ۽ واقعي شفاف جمهوري اليڪشن جو شاهد بڻيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ميرپورخاص ايوان صحافت
election
سالياني اليڪشن
ميرپورخاص
ڊيموڪريٽڪ پينل
پروگريسو پينل
0 تبصرے