وڳڻ ويجھو حادثي ۾ فوت ٿيل سماجي ورڪر عدنان تنيو جي ٻي ورسي ملھائي وئي

وڳڻ ويجھو حادثي ۾ فوت ٿيل سماجي ورڪر عدنان تنيو جي ٻي ورسي ملھائي وئي

وڳڻ ويجھو حادثي ۾ فوت ٿيل سماجي ورڪر عدنان تنيو جي ٻي ورسي ملھائي وئي

وڳڻ (رپورٽر) وڳڻ لڳ ڳوٺ ٿرڙي ھاشم واسي ٻه سال اڳ روڊ حادثي ۾ شھيد ٿي ويل سماجي ورڪر شھيد عدنان احمد تنيو جي ٻئي ورسي سندس ڳوٺ ۾ سادگيءَ سان ملھائي وئي جڏھن ته قرآني خواني پڻ ڪرائي وئي سينيئر صحافي ڀائرن عمران تنيو فرحان تنيو ۽ ڪامران تنيو جي ننڍي ڀاءُ عدنان احمد تنيو جي ورسي تقريب بعد سندس مزار تي تنيا برادري جي چيف سردار الطاف حسين تنيو ڪائونسلر سرتاج احمد تنيو صحافي عبدالقدوس واھُوچو حافظ امجد تنيو سندس ڀائرن ڪامران تنيو دودو خان تنيو عاقب تنيو ڀاڻنج ارباب تنيو ۽ فقير ذوالفقار تنيو سميت ٻين گل نڇاور ڪري فاتح پڙھي ان موقعي تي تنيا برادري جي چيف سردار الطاف حسين تنيو عبدالقدوس واھُوچو ۽ سرتاج احمد تنيو چيو ته عدنان احمد تنيو ھڪ انسان دوست نوجوان ھُيو ننڍي عمر ۾ ھن انسانيت جي خدمت لاء تمام بھترين ڪم ڪيو سندس بي وقتائتي وڇوڙي جو سندس خاندان سميت علائقي واسين کي پڻ تمام گھڻو ڏک آھي اڄ سندس ورسي جي موقعي تي سندس خدمتن عيوض کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ان موقعي تي سردار الطاف حسين تنيو شھيد عدنان احمد تنيو جي مزار تي ڳوٺاڻن سان واعدو ڪيو ته ڳوٺ ٿرڙي ھاشم جي قبرستان کي چوديواري ڏياري سموري قبرستان ۾ وڻ پڻ لڳرايا ويندا.