ميرپورخاص ايوان صحافت جي سالياني اليڪشن سڀاڻي ٿيندي

ميرپورخاص ايوان صحافت جي سالياني اليڪشن سڀاڻي ٿيندي

ميرپورخاص ايوان صحافت جي سالياني اليڪشن سڀاڻي ٿيندي

ميرپورخاص (رپوٽ خيرالدين چانڊيو) ايوان صحافت ميرپورخاص (رجسٽرڊ) جي سالياني اليڪشن 2023/2024, 13 ڊسمبر تي ٿي رهي آهي. چونڊن ۾ مقابلو پروگريسو ۽ ڊيموڪريٽڪ اميدوارن جي ٻن پينلن وچ ۾ سڀاڻي ٿيندو پروگريسو پينل جي صدر جي عهدي لاءِ فضل شر، جڏهن ته مختيار ڪيريو سينيئر نائب صدر، غفار رند نائب صدر، اظهر علي چڍڙ جنرل سيڪريٽري، غفار شر جوائنٽ سيڪريٽري، بابو شرف الدين لغاري خزانچي، انور بروهي انفارميشن سيڪريٽري ۽ ايم. ايم سي لاءِ ياسر بلوچ، نريش ڪمار، محمد حسن لغاري ۽ عمران راجپوت اميدوار آهن ، ٻئي طرف ڊيموڪريٽڪ پينل جي صدر فلڪ شير، جڏهن ته سينيئر نائب صدر لاءِ راجا سنڌي، وسيم خانزادو نائب صدر ، علي رضا رند جنرل سيڪريٽري، جيارام ديا جوائنٽ سيڪريٽري، امام بخش منڱريو خزانچي، نثار ماني انفارميشن سيڪريٽري ۽ شهزاد صابري، محبوب عالم سولنگي، زمان قائمخاني ۽ خيرا لدين چانڊيو اميدوار آهن سڀاڻي ٻنهي پينلن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيندو ايوان صحافت ميرپورخاص جي گذريل سال 13 ڊسمبر تي شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ هن تاريخ کي صحافتي جمهوريت جو ڏهاڙو قرار ڏنو هو ۽ هر سال هن صحافتي جمهوريت جو ڏهاڙو ملهائيندي سڀاڻي 13 ڊسمبر 2024ع لاء چونڊن جو اعلان ڪرڻ جي روايت کي برقرار رکيو. نئين عهديدارن جي چونڊ لاءِ چونڊون ٿئي رھيو آھن جنھن جي نگراني اطلاعات کاتي سميت وڪيل برادري ، سياسي سماجي مذھبي ، ڌريون شريڪ امين طور اليڪشن جي مانيٽرنگ ڪندا