English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ جي هر سازش خلاف جدوجهد ڪنداسين: محمد حسين محنتي
181 views
|
11th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ جي هر سازش خلاف جدوجهد ڪنداسين: محمد حسين محنتي
ڪراچي/رتوديرو (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻو ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته08فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ جي هر سازش خلاف قانوني ۽ آئيني جدوجهد ڪنداسين، مهانگائي، دهشتگردي ۽ بيروزگاري سميت سياسي توڙي معاشي بحران جو واحد حل ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ اڻڌريون چونڊون ڪرائڻ آهي، پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ قوم کي مايوس ڪيو آهي جن ملڪ کي قرضي ۽ عوام کي بدحال ڪري ڇڏيو آهي، جماعت اسلامي متبادل قيادت ۽ عوام جي اُميدن جو آخري سهارو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رتوديرو پريس ڪلب۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي امير قاري ابو زبير جکرو، مقامي اڳواڻ ظهوراحمد منصوري ۽ صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته سنڌ سميت ملڪ تيل، گيس، ڪوئلي سميت قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي گهٽتائي فقط ديانتدار قيادت جي آهي، جماعت اسلامي ملڪ ۾ اقتدار لاءِ نه بلڪه ديانتدار قيادت ۽ اسلامي نظام لاءِ توڙي 75 سالن کان ملڪ ۾ اقامت دين ۽ اسلامي انقلاب لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. نااهل، ڪرپٽ ۽ سامراج جي غلام حڪمرانن جي ڪري اڄ عوام بنيادي انساني سهولتن کان به محروم ۽ نوجوان بيروزگاري جو شڪار آهن، اهڙي ماحول ۾ عوام جي اُميدن جو مرڪز ۽ حقيقي نمائنده جماعت فقط جماعت اسلامي آهي، عوام هاڻي ڪرپٽ سياستدانن ۽ ظالم ڀوتارن بدران جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي. هوڏانهن محمد حسين محنتي يوسي وڏا بوسڻ ۽ ڌامراه ۽ رتوديرو ۾ به رٿيل عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪيو.ان موقعي تي ضلعي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي نامزد اُميدوار ايڊوڪيٽ عاشق ڌامراه پڻ خطاب ڪيو.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اڳوڻو ايم اين اي محمد حسين محنتي
جماعت اسلامي سنڌ
عام چونڊن
0 تبصرے