جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ھڪ ڄڻو قتل، وارثن جو ايس ايڇ او ۽ منشي کي ڪٽڪو

جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ھڪ ڄڻو قتل، وارثن جو ايس ايڇ او ۽ منشي کي ڪٽڪو

جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ھڪ ڄڻو قتل، وارثن جو ايس ايڇ او ۽ منشي کي ڪٽڪو

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ هٿياربندن هٿان 45 ورهين جو شخص قتل، خبر موجب سول لائن ٿاڻي جي حد جمالي واهه وٽ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي محمد مراد جکراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار واردات ڪرڻ کانپوءِ آساني سان فرار ٿي ويا اطلاع باوجود پولیس ناڪابندي ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي مقتول جي چاچي شفيع محمد جکراڻي جو چوڻ آھي تھ غازي ڊومڪي وارن سان ڪارنهن تان تڪرار هلندڙ هو انهن ڀائيٽي کي قتل ڪيو آهي، مقتول محمد مراد جکراڻي جي وارثن واقعي بعد پھتل ايس ايڇ او ۽ منشي کي ڪٽڪو ڏئي ٻنهي جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، ايس ايڇ او ۽ منشي اسپتال مان فرار ٿي ويا، مقتول جي وارثن جو چوڻ آھي تھ مقتول محمد مراد جکراڻي کي ٻه ڏينهن اڳ به قتل جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪو معجزاڻي طور محفوظ رهيو پوليس مقتول تي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي جنهن سبب اڄ افسوسناڪ واقعو پيش آيو