English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ٻين شھرن ۾ شڪارپور ۾ ثقافتي ڏھاڙي جو جشن، ھر طرف ثقافتي رنگ نروار
views
|
03rd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ٻين شھرن ۾ شڪارپور ۾ ثقافتي ڏھاڙي جو جشن، ھر طرف ثقافتي رنگ نروار
شڪارپور(احسان ابڙو )3 ڊسمبر ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان سڄي سنڌ سميت شڪارپور واسي به جهومي پيا اجرڪ جي وڻندڙ رنگن ۽ ٽوپين جي چمڪيلي ڪاون سان ڌرتي ڌڻي سينگارجي ويا، ثقافتي سونهن ٻارڙن ٻڍڙن توڙي نوجوانن جي چپن تي مسڪراهٽون آڻي ڇڏيون سنڌي گيتن تي جهمريون لڳنديون رھيون ۽ انھن مٿان گلن جا ورکائون ٿينديون رهيون ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان شڪارپور جي شعور جنون، جيئي سنڌ محاذ، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، فنڪار آرٽسٽ ايسوسيئشن، نوجوان اتحاد تحريڪ، آپڪا، گليڪسي اسڪول ۽ ٻين تنظيمن پاران اجرڪ ڪلهن تي اوڍي مختلف جڳهن کان ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون جن شڪارپور جي جماڻي حال تي اچي هو جمالو تي جمهريون پاتيون جماڻي حال تي پريس ڪلب اڳيان منعقد ڪيل مک تقريب ۾ هزارن جي تعداد ۾ شڪارپور واسين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سلطان رند ، جاويد راهوجو ، عمران منگي، اسد سومرو، احسان جيھو, ھمير چانڊيو، راشد لاشاري، فياض لاشاري، ظفر کوکر، راحيل جھلڻ، فھد شھزاد سولنگي، عبدالرحمان شر، سھراب لاشاري، سميع االله دايو، اصغر شيخ ، ديدار بلوچ ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته اڄ 3 ڊسمبر جو ڏينهن سنڌ جي ٽقافتي عيد جو ڏهاڙو آهي، ھنن چيو ته اسين علي قاضي جا ٿورائتا آھيون جنھن سنڌين کي گڏ ڪيو، ھنن چيو ته سنڌ جي ثقافت صدين کان آهي ۽ صدين تائين رهندي، ثقافتي ايڪتا جو ڏهاڙو ملهائي اسين پوري دنيا کي ميسيج ٿا ڏيون ته اسين سنڌين کي پنهنجي ثقافت سان پيار آهي سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي آھي ۽ اسين سڀ گڏ آھيون ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مجموعي مسئلن جي حل لاءِ سنڌ واسي گڏ آھن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
ثقافتي ڏھاڙي
sindhi cultural day
0 تبصرے