English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وڳڻ لڳ پرائمري اسڪول ۾ سھولتون اڻلڀ، ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ تي مجبور
views
|
07th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
وڳڻ لڳ پرائمري اسڪول ۾ سھولتون اڻلڀ، ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ تي مجبور
وڳڻ (رپورٽر) وڳڻ لڳ پرائمري اسڪول سھولتن کان وانجھيل آھي ڳوٺ لعل بخش شيخ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر سميت ٻيون سھولتون نه ھُجڻ ڪري معصوم ٻارڙا سخت سردي ۾ پٽ تي ويھي پڙھڻ لڳا آھن جڏھن ته بلڊنگ جي زبون حالي سبب ڇت مان سيمينٽ جا چاپڙ پڻ ڪرڻ لڳا آھن جنھن سان ٻارڙا خوف واري صورتحال ۾ پڙھي رھيا آھن اسڪول جي چوديواري پڻ ڊھي پٽ پئجي وئي آھي ڳوٺاڻن توڙي استادن جي شڪايتن باوجود اسڪول کي گُھربل سھولتون نه ملي سگھيون استاد پاران سھولتن جي اڻھُوند بابت وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيو ڳوٺاڻن ۽ استادن زبير علي اڪبر تنيو محمد يوسف شيخ نبن شيخ محمد پنھل چانڊيو جو چوڻ ھو ته ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ڪا به سھولت ناھي ٻارڙن جي ويھڻ لاء فرنيچر ناھي جنھن ڪري ٻارڙي ٿڌ ۾ پٽ تي ويھي پڙھن ٿا اسڪول جي بلڊنگ جي ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آھن ڇت مان سيمينٽ جا چاپڙ ڪرڻ ڪري ٻارڙن کي کليل ميدان تي ويھاريو وڃي ٿو جنھن سان ٻارڙن جي پڙھائي سخت متاثر ٿي رھي آھي چوديواري گذريل سال جي برساتن ۾ ڊھي پٽ پئجي وئي جنھن ڪري رولو جانورن اسڪول اندر اچڻ لڳا آھن اسڪول ۾ ٻارڙن لاء باٿ رومن جي پڻ سھولت ناھي اھڙيون شڪايتون تعليم کاتي جي آفيسرن کي لکت توڙي روبرو ڪري چڪا آھيون پر ھن وقت تائين شڪايتن جو ازالو نٿي سگھيو آھي ھُنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پرائمري اسڪول کي گھربل سھولتون ڏئي معصوم شاگردن کي پريشاني کان بچايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لکين مسلمانن جي قاتلن کي قاتلن کي لغام ڏيڻ جو وقت آ...!!
17th Sep 2025
•
سندھ
گلشن معمار میں پولیس اہلکار پر فائرنگ میں نامعلوم ملزمان کی فائرنگ سے کانسٹیبل شہید
17th Sep 2025
•
تازہ ترین
سیکیورٹی کمپنی کی گاڑی سے 22 کروڑ روپے لوٹ لیے گئے
17th Sep 2025
•
کھیل
ارشد ندیم نے ورلڈ ایتھلیٹکس چیمپئن فائنل کے لیے کوالیفائی کرلیا
17th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لکين مسلمانن جي قاتلن کي قاتلن کي لغام ڏيڻ جو وقت آ...!!
17th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت طرفان مريض جي علاج لاءِ 55 لک رپيا منظور
17th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ تعميراتي ڪم دوران پورهيت نوجوان فوت
17th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ کي جاگيرداري، سرداري ۽ وڏيري شاھي نظام کان آزاد ڪراڻو پوندو: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
وڳڻ
وڳڻ لڳ پرائمري اسڪول سھولت
ي ڳوٺ لعل بخش شيخ
پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر
0 تبصرے