پ پ حقيقي عوامي پارٽي آهي جيڪا عوامي مسئلا حل ڪري رهي آهي: عادل الطاف انڙ

اسان جي سياست جو مرڪز صرف ۽ صرف عام ماڻهو آهن، هارين، مزدورن، نوجوانن جي ڀلائي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون

پ پ حقيقي عوامي پارٽي آهي جيڪا عوامي مسئلا حل ڪري رهي آهي: عادل الطاف انڙ

ڏوڪري(رپورٽر) پيپلزپارٽي هڪ حقيقي عوامي پارٽي آهي، جنهن جو بنيادي مقصد هميشه عوام جي خدمت، سندن مسئلن جو حل ۽ سندن حقن جو تحفظ رهيو آهي.عادل الطاف انڙ ، ڏوڪري ۾ مختلف برادرين سان تعزيت ڪندي پ پ ايم پي اي عادل الطاف انڙ چيو آهي ته پيپلزپارٽي هڪ حقيقي عوامي پارٽي آهي، جنهن جو بنيادي مقصد هميشه عوام جي خدمت، سندن مسئلن جو حل ۽ سندن حقن جو تحفظ رهيو آهي.اسان کي فخر آهي ته اسان هن پارٽي جي پليٽ فارم تان عوام جي خدمت جو موقعو حاصل ڪيو آهي.اسان جي سياست جو مرڪز صرف ۽ صرف عام ماڻهو آهن—هارين، مزدورن، نوجوانن ۽ محنتڪشن جي ڀلائي لاءِ ئي اسان جدوجهد ڪري رهيا آهيون. شهيد اڳواڻن جي ڏنل سوچ مطابق، اسان پنهنجي علائقي جي ترقي، تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. عوام اسان تي جيڪو اعتماد ڪيو آهي، اهو اسان لاءِ هڪ ذميواري آهي، ۽ اسان پوري ايمانداري ۽ لگن سان ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. انشاءَالله، پيپلزپارٽي جي قيادت هيٺ عوام جي خدمت جو هي سفر جاري رهندو."