English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جو عوام ايندڙ اليڪشن ۾ ڪرپٽ مافيا کي دفن ڪري ڇڏيندو: اياز لطيف پليجو
views
|
07th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو عوام ايندڙ اليڪشن ۾ ڪرپٽ مافيا کي دفن ڪري ڇڏيندو: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ جو عوام ايندڙ اليڪشن ۾ ڪرپٽ مافيا کي دفن ڪري ڇڏيندو. سنڌ مال غنيمت ناھي. م زمينن جي نيلامي بند ڪئي وڃي. پ پ جي ڪرپٽ وزيرن جا فرنٽ مين مافيا بنجي زرعي ڀاڻ، ٻج، دوائون، ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻيون شيون لڪائي ھٿرادو بحران پيدا ڪري اربين روپين جي لٽمار ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ 2018 جي اليڪشن ۾ زرداري کي سنڌ پليٽ ۾ رکي ڏني وئي. پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪومت سنڌ کي ترقي ۾ پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. زمينن ۽ وسيلن کي تين وال ڪيو ويو. اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي وحدت کي داءُ تي لڳايو ويو. ڪرپشن جي دور جي پڄاڻي ٿي آھي. ايندڙ اليڪشن ۾ ڪرپٽ ماڻھو ناڪام ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ لکين نوجوان بيروزگار آھن. سنڌ ۾ ڪا نئين انڊسٽري نہ لڳي آھي. ڌاڙيل راڄ جي ڪري ماڻھو محفوظ ناھن. شھر ۽ ٻھراڙيون ھٿ وٺي منشيات جو ڍير بنايا ويا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جنھنڪري درياھ جو سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ٿي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ايندڙ حڪومت لاءِ تعليم، صحت، زراعت جي بحالي، بيروزگاري وڏا چئلينج آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
14th Aug 2025
•
دنیا
تارکین وطن کی کشتی کو حادثہ، 26 افراد ہلاک
14th Aug 2025
•
پاکستان
بلوچ پشتون اکابرین نے ذاتی وگروہی مفادات کیلئے نہیں، قوموں کے ناموس کیلئے قربانیاں دیں، لشکری رئیسانی، اصغر اچکزئی
14th Aug 2025
•
سندھ
خیرپور: اسکولوں اور کالجوں میں طویل غیراعلانیہ لوڈشیڈنگ کیخلاف ہزاروں طلبہ کا احتجاج
14th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ سول اسپتال پاران جشن آزادي جي تقريب
14th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ ميونسپل ڪاميٽي پاران جشن آزادي جون تقريبون منعقد، قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو
14th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي سينيئر سياستدان سيد غلام رسول شاھ 78 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
14th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ 78هين جشن آزادي معرقه حق جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ
اياز لطيف پليجي
QAT
ayaz latif palejo
0 تبصرے