English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ پاران ڊاڪٽر سنيھا جوتي جي پراسرار موت تي ڏک جو اظھار
views
|
07th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ پاران ڊاڪٽر سنيھا جوتي جي پراسرار موت تي ڏک جو اظھار
حيدرآباد(پ-ر) سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعہ پليجو، صبا سمون ، فاطمه منڱريو، راحيلا ڀٽو، روشني پٺاڻ ھميرا اختر ۽ ٻين اڳواڻن خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ھاسٽل ۾ شاگردياڻي ڊاڪٽر سنيھا جوتي ڪيسواڻي جي پراسرار موت واري واقعي تي انتھائي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي واقعي کي وڏو الميو قرار ڏيندي چيو آھي تہ جتي اسان جون نياڻيون پڙھي ڊگريون حاصل ڪرڻ وڃن ٿيون، اتان انھن جا لاش ملڻ المناڪ صورتحال آھي، جي ڪڏھن نائلا رند ۽ نمرتا ڪماري، نوشين ڪاظمي جي واقعن کان پوء ھاسٽلن کي ھر حوالي سان محفوظ بنايو وڃي ھا تہ اڄ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ھاسٽل مان اسان جي ھڪ لائق نياڻي جو لاش نہ اچي ھا۔ اڳواڻن چيو تہ سنيھا جوتي جي موت جي گھڻ رخي جاچ ٿيڻ گھرجي، اسان جون يونيورسٽيون مقتل گاھ ڇو بنيل آھن؟ ھاسٽلون ڇو محفوظ ناھن؟ جيڪڏھن اتي سي سي ڪيمرا سسٽم ۽ چوڪيداري سسٽم ھجي ھا تہ واقعو پيش نہ اچي ھا ۽ ان سان سڀ شاگردياڻيون 24 ڪلاڪ نگراني ۾ ھجن ھا۔ اڳواڻن چيو تہ ڳاٽي ٽوڙ فيسن باوجود يونيورسٽيون ۽ ھاسٽلون لاوارث آھن، جتي شاگرد ۽ شاگردياڻيون آساني سان موت جي ڀاڪرن ۾ ھليا وڃن ٿا. جيڪڏھن يونيورسٽين ۾ ناحق خون سان انصاف ٿئي ھا ۽ ذميوارن کي سزا اچي ھا تہ اڄ ھي افسوسناڪ واقعو پيش نہ اچي ھا۔ اڳواڻن چيو تہ واقعي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گھرجي۔ يونيورسٽي انتظاميه شاگردياڻي جي موت جي ذميوار آھي۔ انتظاميہ جي نااھلي ۽ مجرماڻ غفلت شامل آھي۔ ذميوارن جو تعين ڪري انھن کي سزا ملڻ گھرجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ
حيدرآباد
ھاسٽل ۾ شاگردياڻي ڊاڪٽر سنيھا جوتي ڪيسواڻي
خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ھاسٽل
0 تبصرے