English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ پاران ڊاڪٽر سنيھا جوتي جي پراسرار موت تي ڏک جو اظھار
199 views
|
07th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ پاران ڊاڪٽر سنيھا جوتي جي پراسرار موت تي ڏک جو اظھار
حيدرآباد(پ-ر) سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعہ پليجو، صبا سمون ، فاطمه منڱريو، راحيلا ڀٽو، روشني پٺاڻ ھميرا اختر ۽ ٻين اڳواڻن خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ھاسٽل ۾ شاگردياڻي ڊاڪٽر سنيھا جوتي ڪيسواڻي جي پراسرار موت واري واقعي تي انتھائي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي واقعي کي وڏو الميو قرار ڏيندي چيو آھي تہ جتي اسان جون نياڻيون پڙھي ڊگريون حاصل ڪرڻ وڃن ٿيون، اتان انھن جا لاش ملڻ المناڪ صورتحال آھي، جي ڪڏھن نائلا رند ۽ نمرتا ڪماري، نوشين ڪاظمي جي واقعن کان پوء ھاسٽلن کي ھر حوالي سان محفوظ بنايو وڃي ھا تہ اڄ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ھاسٽل مان اسان جي ھڪ لائق نياڻي جو لاش نہ اچي ھا۔ اڳواڻن چيو تہ سنيھا جوتي جي موت جي گھڻ رخي جاچ ٿيڻ گھرجي، اسان جون يونيورسٽيون مقتل گاھ ڇو بنيل آھن؟ ھاسٽلون ڇو محفوظ ناھن؟ جيڪڏھن اتي سي سي ڪيمرا سسٽم ۽ چوڪيداري سسٽم ھجي ھا تہ واقعو پيش نہ اچي ھا ۽ ان سان سڀ شاگردياڻيون 24 ڪلاڪ نگراني ۾ ھجن ھا۔ اڳواڻن چيو تہ ڳاٽي ٽوڙ فيسن باوجود يونيورسٽيون ۽ ھاسٽلون لاوارث آھن، جتي شاگرد ۽ شاگردياڻيون آساني سان موت جي ڀاڪرن ۾ ھليا وڃن ٿا. جيڪڏھن يونيورسٽين ۾ ناحق خون سان انصاف ٿئي ھا ۽ ذميوارن کي سزا اچي ھا تہ اڄ ھي افسوسناڪ واقعو پيش نہ اچي ھا۔ اڳواڻن چيو تہ واقعي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گھرجي۔ يونيورسٽي انتظاميه شاگردياڻي جي موت جي ذميوار آھي۔ انتظاميہ جي نااھلي ۽ مجرماڻ غفلت شامل آھي۔ ذميوارن جو تعين ڪري انھن کي سزا ملڻ گھرجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ
حيدرآباد
ھاسٽل ۾ شاگردياڻي ڊاڪٽر سنيھا جوتي ڪيسواڻي
خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ھاسٽل
0 تبصرے