نگران حڪومت وٽ سنڌ جون زمينون ڪنھن کي وڪرو ڪرڻ جا اختيار ناھن، فيصلو واپس نھ ورتو ويو تھ تحريڪ ھلائنداسين: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

نگران حڪومت وٽ سنڌ جون زمينون ڪنھن کي وڪرو ڪرڻ جا اختيار ناھن، فيصلو واپس نھ ورتو ويو تھ تحريڪ ھلائنداسين: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

نگران حڪومت وٽ سنڌ جون زمينون ڪنھن کي وڪرو ڪرڻ جا اختيار ناھن، فيصلو واپس نھ ورتو ويو تھ تحريڪ ھلائنداسين:  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

ھنڱورجا: جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آھي تہ نگران حڪومت پاران سنڌ جون زمينون ڪنھن کي وڪرو ڪري ڏيڻ جا اختيار ناھن جيڪڏنھن سنڌ زمينون ڏيڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو تہ رھبر ڪاميٽي پاران سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي گريٽر ٿل ڪينال مئل گھوڙو آھي ان کي جيئارڻ جي ڪوشش بند ٿيڻ گھرجي ھنگورجا ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي محسن ڀيلار ۽ ساجد منڱريو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ سنڌ جون زمينون تين وال ڪرڻ جو ڪنھن کي به اختيار ناھي نه ئي نگران حڪومت کي زمين ڪنھن اداري حوالي ڪرڻ جو اختيار آھي سنڌ جي خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن سڀني سازشن جو سنڌ جي ماڻھن کي مڙسي سان مقابلو ڪرڻو پوندو ھن چيو ته نگران حڪومت جو ڪم صرف ئي صرف چونڊون ڪرائڻ آھي پر ھتي سنڌين جي مرضي خلاف فيصلا ڪيا وڃن ٿا اسان انھن ڪيلن فيصلن رد ڪريون ٿا ھنن چيو ته 10ڊسمبر تي رھبر ڪاميٽي جو اجلاس رياض چانڊيو جي صدارت ۾ سڏايو ويو آھي جنھن ۾ نگران حڪومت پاران سنڌ جي زمين ادارن حوالي ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ لاء حڪمت عملي جوڙي ويندا ھنن چيو سنڌ ۾ ثقافتي ڏھاڙو ملھايو بہ ڏوھ ٿي ويو آھي سنڌ جي مختلف شھرن ثقافتي ريليون ڪڍڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن اھڙي عمل جي سخت مذمت ڪيون ٿا فوري طور ڪيس خارج ڪيا وڃن ھنن چيو وفاقي سرڪار ھڪ ڀيرو ٻيھر گريٽر ٿل ڪينال رٿا تي عمل ڪرڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آھي ان جي نه رڳو مذمت ڪيون ٿا پر ان منصوبي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا ھن چيو سنڌو درياء مٿان ڪوبه ڊيم قبول ناھي سنڌو مٿان ڊيم ٺاھڻ جو مطلب سنڌ سڪائڻ آھي ھن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پراسرار نموني نياڻين جا لاش ملن ٿا جيڪو افسوسناڪ عمل آھي ھنن خير پور م نياڻي سنيھا جي پراسرار موت جي شفاف انڪوائري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي