نوشھروفيروز ۾ ڊي سي محمد ارسلان سليم جي فرٽيلائيزر ڊيلرز سان گڏجاڻي

نوشھروفيروز ۾ ڊي سي محمد ارسلان سليم جي فرٽيلائيزر ڊيلرز سان گڏجاڻي

نوشھروفيروز ۾ ڊي سي محمد ارسلان سليم جي فرٽيلائيزر ڊيلرز سان گڏجاڻي

نوشهرو فيروز (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم اڄ پنهنجي آفيس ۾ فرٽيلائزر ڊيلرز سان گڏجاڻي جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ضلعي ۾ يوريا ڀاڻ جي مهانگي اگهه تي وڪرو ۽ ذخيره اندوزي کي روڪڻ لاءِ ڪارروائي تيز ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته اسان جو ملڪ هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ جيڪڏهن هارين کي يوريا ڀاڻ نه ملي ته هو ڪڻڪ جو بهتر فصل حاصل ڪري نه سگهندا. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته يوريا ڀاڻ ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي ڪنٽرولڊ اگهه تي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته سمورن تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر ڀاڻ ڊيلرز جو رڪارڊ چيڪ ڪندا ۽ جيڪڏهن ڪو ڊيلر ڀاڻ جو ذخيرو ڪرڻ يا مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هن ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنين جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو ان خلاف ڪارروائي ڪن. ڀاڻ جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ ضلعي ۾ فراهم ڪيل ڀاڻن جي لسٽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس، لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۽ زراعت کاتي جي آفيسرن کي فراهم ڪئي وڃي. هن سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته زراعت کاتي جي آفيسرن سان گڏ ڀاڻ جي وڪري جي نگراني ڪئي وڃي. ان کان اڳ زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام فاروق وسطڙو اجلاس کي ضلعي ۾ ڀاڻ جي طلب ۽ دستيابي بابت بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ ڪيميائي ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنين، فوجي فرٽيلائيزر، اينگرو فرٽيلائيزر ۽ فاطمه فرٽيلائيزر جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ ان جي فراهمي بابت بريفنگ ڏني.