English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: صفوران ڳوٺ جا رھواسي سھولتن کان محروم, مٺي واٽر پلانٽ جي زمين ۽ مشينن تي قبضي جي ڪوشش
197 views
|
05th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي: صفوران ڳوٺ جا رھواسي سھولتن کان محروم, مٺي واٽر پلانٽ جي زمين ۽ مشينن تي قبضي جي ڪوشش
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي) ڪراچي جي قديم سنڌي وسندي صفوران ڳوٺ جا رھواسي سھولتن کان محروم۔ پ پ يوسي 04 جو وائيس چيئرمين الياس گبول 1984ع ۾ حڪيم بلوچ جي دور ۾ واٽر بورڊ پاران مليل مٺي واٽر پلانٽ جي زمين ۽ لڳل مشينن تي قبضو ڪرائڻ ۾ مصروف۔ يوسي اڳواڻ پوليس جي وڏي نفري ۽ مشينون ساڻ ڪري واٽر بورڊ جو ڪمرو ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو۔ يوسي وائيس چيئرمين الياس گبول پنهنجي ئي پارٽيء جو ووٽ بينڪ ڪرائڻ ۾ رڌل۔ رھواسين جو احتجاج۔ تفصيل موجب پاڪستان پيپلزپارٽيء جي مظبوط سيٽ پي ايس 98 ۽ ٽائون سميت يوسي به پ پ وٽ رھڻ باوجود به پ پ يوسي 04 جو وائيس چيئرمين الياس گبول يوسي آفيس اندر ڪمرا خالي ھجڻ جي باوجود به پنهنجي ئي يوسي 04 جي چيئرمين بشير خاصخيليء کي به پنهنجي آفيس ۾ ويھڻ کان کٿو جواب ڏئي ڇڏيو۔ يوسي چيئرمين بشير خاصخيليء پاران پنهنجي ٽائون چيئرمين راشد خاصخيلي ۽ ميئر مرتضيٰ وھاب سميت پارٽي اڳواڻن کي شڪايت ڪرڻ باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪتو ۔ وائيس چيئرمين الياس گبول۔ پاران ڊبل پاليسي کيڏندي 1984ع حڪيم بلوچ جي دور ۾ واٽر بورڊ پاران مٺي پاڻي واري مشينن وارن ڪمرن ۾ ٽائون چيئرمين ۽ يوسي چيئرمين کي ويھڻ جي صلاح۔ وائيس چيئرمين جي اھڙي مشوري ڏيڻ سان پاڪستان پيپلزپارٽيء جو پي ايس 98 ۾ وڏو ووٽ بينڪ رکندڙ گبول برادري جا ماڻهوَ پيپلزپارٽيء کان نفرت ڪرڻ لڳا۔ جڏهن ته ٽائون چيئرمين راشد خاصخيلي ۽ يوسي 04 جي چيئرمين به اڻڄاڻ ۽ پارٽيء جي ووٽ بينڪ کي نقصان ڏيندڙ يوسي وائيس چيئرمين جي غلط مشوري تي ھلندي ھيوي مشينري ۽ پوليس ساڻ ڪري کي واٽر بورڊ جي مشينن واي ڪمري جي ڀر وارو ڪمرو ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو۔ جڏهن ته ڳوٺاڻن کي اطلاع ملڻ تي علائقي واسين جو وڏو انگ پڻ يوسي آفيس پھتو جنهن تي گبول برادري جي ڪجھ نوجوانن پاران ڪمرا ڊاھڻ واري عمل جي مذاحمت پڻ ڪئي وئي جنهن تي يوسي چار جو چيئرمين بشير خاصخيلي پڻ گاڏيء ۾ چڙھي گم ٿي ويو ۽ ٽائون چيئرمين پاران موڪليل پنهنجا پرسنل ماڻهوَ پڻ واپس گھرايا ويا۔ ھوڏانھن گبول برادري جي ماڻهن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان حڪيم بلوچ ۽ واٽربورڊ انتظاميا کي ھيء زمين ان جي لاء ڏني ھي ته ھتي موٽر مشينو ھڻي ڳوٺاڻن کي پاڻي سپلائي ڪيو ويندو جنهن تي ان وقت ۾ عمل به ڪيو ويو جيڪو ڊگهي عرصي تائين جاري پڻ رھيو پر ھاڻي واٽر بورڊ جي زمين ۽ آفيس وارن ڪمرن کي ڊاھي اتي ٽائون چيئرمين راشد خاصخيلي ۽ يوسي 04 جي چيئرمين بشير خاصخيلي کي ڪمرا ٺاھي ڏيڻ جي بھاني قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ان کان اڳ ۾ يوسي آفيس جي انتظاميا ان زمين کي ڪمرشل ڪري ڪجھ زمين تي دڪان ٺاھي پٺاڻن جي حوالي ڪري اتان وڏي رقم وصول ڪري رھي آهي جنهن جو پيپلزپارٽيء قيادت سميت اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گھرجي۔ ھنن چيو ته يوسي چار جو وائيس چيئرمين الياس گبول ڳوٺاڻن جي ڪم اچڻ باوجود نقصان ڏئي رھيو آهي ۽ پارٽي جو ووٽ بينڪ پڻ تباھ ڪري رھيو آهي ھنن چيو ته جيڪڏهن واٽر بورڊ ۽ لڳل مشينن وارين زمين تان قبضو ختم نه ڪيو ويو ته يوسي آفيس ٻاھرا احتجاجي ڪيمپ ھڻنداسين جيڪا انصاف جي حاصلات تائين جاري رھندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ
قديم سنڌي وسندي صفوران ڳوٺ
0 تبصرے