English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي سنڌي وسندي مان مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج
views
|
05th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي سنڌي وسندي مان مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي )ڪراچي جي قديم سنڌي وسندي صيفل شورو ڳوٺ مان الڪرم فيڪٽري ۾ ٺيڪيداري طور ڪم ڪندڙ نوجوان پنھنجي ئي گھر ٻاھران اڻڃاتل ھٿياربندن ھٿان شديد فائرنگ بعد اغوا. پنج ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان جو پتو نه پئجي سگهيو. وارثن پاران سائيٽ سپر ھاء وي ٿاڻي سميت پوليس جي اختيارن کي درخواست ڏيڻ باوجود ڪوبه کڙتيل نه نڪتو. وارثن ۽ سندس گھر واري جو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج. شاھد جت الڪرم فيڪٽري ۾ ٺيڪيداري ڪندو ھيو. ڪمپني مٿان سندس جا ٻياسي لک نڪرڻ تي کينس مختلف وقتن تي ڌمڪايو ويندو ھيو اسان کي شڪ آهي ته ڪمپني جي مالڪن کينس اغوا ڪرايو آھي. ريشمان شاھد جت. تفصيل موجب. سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي پنج جي قديم سنڌي وسندي صيفل شورو ڳوٺ جو رھواسي شاھد جت پھرين ڊسمبر جي رات جو دير سان تقريبن ساڍي يارھين کان ٻارنهن جي ٽائيم دوران نامعلوم ھٿياربندن ھٿان فائرنگ بعد اغوا ٿيڻ تي وارثن پاران گھر واري ريشمان شاھد جت. فداحسين جت. شبير احمد جت. منير احمد جت. معصوم شفا خاتون. مقدس. مشاھد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نوجوان شاھد جت ارڙھن سالن کان الڪرم ٽيڪسٽائل فيڪٽري ۾ ٺيڪيداري طور ڪم ڪندو ھيو. جنھن جا فيڪٽري انتظاميا ڏي مختلف وقتن تي رھيل پئسا وڌي ٻياسي لک روپيه ٿي ويا. جيڪي پئسا گھرڻ تي الڪرم ٽيڪسٽائل مل جي مالڪن خرم. طارق. فيصل. فرخ الدين. عدنان ۽ ٻہ نامعلوم ماڻھن پاران اسان جي نوجوان شاھد کي پئسا گھرڻ تي موتمار ڌمڪيون پڻ ڏيندا ھيا. جنھن جي نشاندهي اسان جي نوجوان شاھد جت 24 نومبر تي سوشل ميڊيا اڪائونٽ فيس بڪ ۽ پنھنجي ٽڪ ٽاڪ آء ڊي تي پڻ ويڊيو ريڪارڊ ڪري رکيون ھيون. جنھن کانپوءِ الڪرم ٽيڪسٽائل فيڪٽري جي مالڪن پاران شاھد جت جا فيڪٽري اندر اچڻ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ کينس مختلف اڻ سڃاتل نمبرن تان ڪال ڪري کينس پئسا واري ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء موتمار ڌمڪيون پڻ ڏيندا ھيا. ھنن چيو ته آخر الڪرم فيڪٽري انتظاميا پنھنجي ھٿياربندن گنڊن کي پھرين ڊسمبر جي رات جو ساڍي يارهين وڳي بجلي وڃڻ دوران اسان جي گھر جي دروازي تي موڪليو. ھٿياربندن پاران اسان جي گھٽي موجود ٻين گھرن ٻاھران ڪنڊا بند ڪري اسان جي گھر جو درکڙڪايو جنھن دوران شاھد جت ٻاھر نڪتو ته اسان جي به گھر ٻاھران ڪنڊي ڏئي نوجوان کي تشدد ڪيو جنھن دوران شاھد جت جي مزاحمت تي اڻڃاتل ھٿياربندن فائرنگ ڪئي جيڪا گولي اسان جي دروازي کي پڻ لڳي ۽ نوجوان جي منھن تي ڪپڙو ڏئي کينس زبردستي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. اسان انھي ئي وقت پوليس 15 تي اطلاع ڪيو پر پوليس پنھنجي روايتي سستي کي برقرار رکندي ڏيڍ ڪلاڪ دير سان پھتي ۽ نتيجن ھٿياربندن اسان جي ھمراھ کي کڻي فرار ٿي ويا. اسان کي پورو يقين آهي ته اسان نوجوانن کي الڪرم ٽيڪسٽائل فيڪٽري جي مالڪن پئسا گھرڻ جي عيوض کنڀرائي گم ڪيو آھي. ھنن چيو ته اسان جي نوجوان کي جان جو خطرو آهي شاھد جت کي آزاد ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي. ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان شاھد جت کي فوري آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ
ڪراچي جي قديم سنڌي وسندي
صيفل شورو ڳوٺ مان
Advertisement
0 تبصرے