ٺٽي ۾ بي آءِ ايس پي وظيفي جي ورڇ جاري، عورتن پاران ڪٽوتي جون دانھون

ٺٽي ۾ بي آءِ ايس پي وظيفي جي ورڇ جاري، عورتن پاران ڪٽوتي جون دانھون

ٺٽي ۾ بي آءِ ايس پي وظيفي جي ورڇ جاري، عورتن پاران ڪٽوتي جون دانھون

ٺٽو( ڊر) ٺٽو شهر جي مختلف هنڌن بخاري محله شيرازي گلي عقيلي محله سميت مڪلي ۾ قائم ايڇ بي ايل جي ڊوائز شاپ تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تازو آيل 8500 جي قسط ۾ پنج سئو کان هڪ هزار ڊيوائز هولڊر ڪٽوتي ڪرڻ لڳا جڏهن ته ڪجھ عورتون جن جا نوان نالا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ٿيڻ ڪري سندن قسط پڻ اچڻ بعد قسط بحال ٿي آهي جيڪا دڪان مالڪ ڦٻائڻ ۽ ٻارن جا به قسط ۾ آيل رقم هڙپ ڪرڻ جون شڪايتون عورتن طرفان ڪيون پيون وڃن ياد رهي ته مستحق عورتن جي قسط ۾ ڪنهن به قسم جي ڪٽوتي منع آهي ان باجود ڊيوائز هولڊر سرعام ڪٽوتي ڪري رهيا آهن ڊاريڪٽر بسپ ٺٽو زونل بسپ سميت فرنچائز توڙي ڊيوائز مالڪن جي ملي ڀڳت سبب بي خوف ڊيوائز مالڪ وڏي پيماني تي غريب مستحق عورتن جي قسط مان ڪٽوتي ڪري رهيا آهن اهڙي زيادتي خلاف متاثره عورتن جو ڊي سي ٺٽو سميت بسپ جي اعلي اختيارين کان فوري نوٽيس وٺي ملوث ڊيوائز مافيه خلاف ترت ايڪشن ناجائز ڪٽوتي بند ڪرائڻ اهڙي عمل ملوث ڊيوائز هولڊرن جون فوري ڊيوائز بلاڪ ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي