سنڌي ثقافت قديم سنڌ جي تهذيب ۽ اسلامي تهذيب جو امتزاج آهي: سيد احمد شاهه ڪاظمي

سنڌي ثقافت قديم سنڌ جي تهذيب ۽ اسلامي تهذيب جو امتزاج آهي: سيد احمد شاهه ڪاظمي

سنڌي ثقافت قديم سنڌ جي تهذيب ۽ اسلامي تهذيب جو امتزاج آهي: سيد احمد شاهه ڪاظمي

گڏاپ (رپورٽر)سنڌي ثقافت قديم سنڌ جي تهذيب ۽ اسلامي تهذيب جو خوبصورت امتزاج آهي ۽ مهراڻ وادي جي ماڻهن جي انسان دوستي، ملنساريءَ ۽ بهادر مزاج جي عڪاسي ڪري ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار سيد احمد شاهه ڪاظمي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سيد احمد شاھ ڪاظمي چيو ته 3 ڊسمبر سنڌي ميڊيا جي سڏ تي ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ واري اعلان جي آجيان ڪيون ٿا اسين ڪراچي ۾ سنڌي ميڊيا سان گڏجي ثقافتي ڏھاڙو ملھائينداسين. ھن چيو ته سنڌ جا ماڻهو صدين کان مهمان نواز رهيا آهن، پنهنجي ثقافت کي اجرڪ، ٽوپي ۽ ريلي جهڙن بهترين نشانين سان پيار ڪندا رهيا آهن، سنڌو ماٿري ۽ ٿرپارڪر کان وٺي ڪشمور تائين هر هنڌ سنڌ جي ثقافت جون بيشمار نشانيون موجود آهن. جيڪي سنڌ جي عوام کي پنهنجي جان کان وڌيڪ پياريون آهن. سنڌ جا لکين ماڻهو هر سال ڊسمبر جي پهرين هفتي تي پنهنجي ثقافت سان محبت جو ڏهاڙو ملهائيندا آهن. تعليمي ادارن سميت هر طرف عيد جو سماء ھوندو آهي. هن چيو ته گلشن سيد ٽينٽ سٽي کان 20 گاڏين جو قافلو ڪراچي پريس ڪلب ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت ڪندو،